آءِ ايم ايف جا سخت شرط،سعودي سيڙپ ڪاري ملتوي

اسلام آباد(فخر دراني) آءِ ايم ايف جي سخت شرطن سبب پاڪستان ۾ ٿيندڙ سعودي سيڙپڪاري ملتوي،ذريعن موجب ٻه ٽي مهينا اڳ حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو هو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ 75 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، ان حوالي سان شروعاتي طور 10 ارب ڊالر آئل ريفائنري لاءِ آندا ويندا پر وقت گذرڻ سان گڏ اهي اعلان ڪندڙ هاڻي خاموش ٿي ويا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته آءِ ايم ايف شرط رکيو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪا به پرڏيهي سيڙپڪاري ٿيندي ان جي پهرين منظوري عالمي مالياتي اداري کان وٺڻي پوندي،ٻيو سبب اهو آهي ته جيستائين ملڪ ۾ سياسي انتشار آهي تيستائين ڪو به پرڏيهي سيڙپڪار پنهنجو سرمايو ملڪ ۾ لڳائڻ لاءِ تيار ناهي،ان صورت ۾ ايس آءِ ايف سي ۽ آرمي چيف لاءِ ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان آڻڻ لاءِ راضي ڪرڻ مشڪل لڳي رهيو آهي

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 31 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.