عمران خان ٺاهه لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي منٿن تي لهي آيو

اسلام آباد (منيب فاروق) پي ٽي آءِ باني عمران خان هاڻي اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه لاءِ ميڙ منٿن تي لهي آيو آهي. هن هفتي ڏهن ڏينهن اندر اسٽيبلشمينٽ کي ڪيترائي ڀيرا ايلاز ڪيا آهن. تازو ئي عمران خان سان ملاقاتون ڪندڙ سندس ڀيڻ عليمه خان، عمر ايوب ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اهڙا بيان ڏنا آهن. اهڙين منٿن تي ترس کائي ڪٿي اسٽيبلشمينٽ راضي نه ٿي وڃي، ان صورتحال ۾ حڪومت ڳڻتيءَ ۾ آهي ته ڪٿي اسٽيبلشمنٽ پي ٽي آءِ سان راضي نه ٿي وڃي. حڪومتي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪٿي عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ملاقات نه ٿي وڃي. جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه مهينن اندر عمران خان جيل مان آزاد ٿي وڃي ٿو ته اهو واضح اشارو هوندو ته عمران خان ڏانهن سگهارين ڌرين جو رويو بدلجي چڪو آهي. حڪومت کي اهو ڊپ آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو لاڙو پي ٽي آءِ  ڏانهن نه ٿي وڃي، پر حڪومت کي في الحال ڪو خطرو ناهي، ڇو ته اسٽيبلشمينٽ جو لاڙو پي ٽي آءِ ڏانهن ناهي. ان لاءِ پي ٽي آءِ نوگوايريا آهي.

  1. پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي، پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات 11 رپيا سستي ٿيڻ جو امڪان آهي،  عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ به رليف جو امڪان آهي، ذريعن موجب پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شين جا اگهه 11 رپيا في ليٽر سستو ٿي سگهن ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 50 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ ايندڙ 15 ڏينهن تائين 11 رپيا 50 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. اهڙي طرح پهرين آگسٽ کان گاسليٽ 5 رپيا 84 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 5 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

  1. ڪراچي ۾ ٽريفڪ اهلڪار تي فائرنگ، مرڻينگ، گهرو وزير جو نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ مرتضيٰ چورنگي حسين شهيد پارڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽريفڪ اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو. ٽريفڪ اهلڪار عدنان کي 2 گوليون لڳيون جنهن کي آغا اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ايس ايس پي ملير کان تفصيل طلب ڪري ورتا. ايس ايس پي ڪاشف عابسي موجب جاچ ڪئي پئي وڃي. گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان تفصيل گهري ورتا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.