اسلام آباد(اسد علي طور) آءِ ايس آءِ جي ڊي جي سي ميجر جنرل فيصل نصير کي سيپٽمبر ۾ عهدي تي ترقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، کيس ڊويزن ڪمانڊ ڪرڻ ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ هو ليفٽيننٽ جنرل بڻجي ويندو،ان کانپوءِ هو ڪور ڪمانڊر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ به اهل بڻجي ويندو،آرمي چيف کي مدي ۾ واڌ ڏني وئي ته پوءِ پي ٽي آءِ بابت فوج جي پاليسي ساڳي رهندي کيس ان عهدي تي مقرر ٿئي ٻه سال هڪ مهينو ٿي چڪو آهي، سيپٽمبر ۾ جيڪڏهن ميجر جنرل فيصل نصير آءِ ايس آءِ مان وڃي ٿو ته اداري ۾ سيڪٽر ڪمانڊرن ۾ به تبديلين جو امڪان آهي، فيصل نصير سيڪٽر ڪمانڊر ايم آءِ ڪراچي ۽ سيڪٽر ڪمانڊر آءِ ايس آءِ بلوچستان رهيو آهي،هن جو تعلق ڪور آف ملٽري انٽيليجنس سان آهي،دهشت گردي خلاف جنگ ۾ هن جو اهم ڪردار رهيو آهي،هن کي آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه جنرل(ر) فيض حميد پسند نه ڪندو هو،ڇو ته ملٽري انٽيليجنس(ايم آءِ) ۾ سيڪٽر ڪمانڊر طور فيصل نصير پنهنجي ڪاررواين بابت آءِ ايس آءِ کي اعتماد ۾ نه وٺندو هو جڏهن ته موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير جو تمام گهڻو پسنديده آفيسر آهي ماضي ۾ جڏهن جنرل فيض حميد ميجر جنرل فيصل نصير خلاف ڪارروائي جي ڪوشش ڪندو هو ته تڏهن جنرل عاصم منير ڀت بڻجي رڪاوٽ بڻجي ويندو هو جڏهن ته آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته هو سيپٽمبر تائين رهندو،هن کي به عهدي تي رهندي ٽي سال ٿي ويا آهن،هن کي آمريڪا ۾ امڪاني طور سفير مقرر ڪرڻ جا به افواهه هلندڙ آهن،