پشاور (م ڊ ) ڪرم ۾35 ڄڻن جي مارجي وڃڻ بعد ڌرين ۾ جنگبندي ٿي وئي آهي، خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو مسلسل پنجين ڏينهن به جاري آهي، چڪرين دوران 35 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 166 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڌرين ۾ جهيڙي دوران ميزائلن ۽ جديد هٿيارن جي استعمال سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي، پوليس موجب، ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جيهڙو ٿيو جنهن کانپوءِ مختلف علائقن ۾ چڪريون شروع ٿي ويون آهن.ذريعن موجب، چڪرين ۾ هنيئر تائين 35 ڄڻا مارجي چڪا آهن جڏهن ته 166 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود چيو آهي ته ٻئي ڌريون جنگبندي تي راضي ٿي ويون آهن، امن جرڳي جا ميمبر ڌرين جي هٿياربندن کي مورچن تان هٽائيندا، ڊي سي چيو ته هٿياربندن کي هٽائڻ کانپوءِ مورچن تي سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، متاثر علائقن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن جو وڏو انگ موجود آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پارا چنارا صدر شهر تي ڪيترائي ميزائل حملا ڪيا ويا آهن، پارا چنارا کان پشاور ويندڙ به هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند رکيو ويو آهي،