چين ٽن بجلي گهرن کي مقاملي ڪوئلي تي آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) چين ڪوئلي سان هلندڙ ٽن درآمدي پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ توانائي وارو وزير اويس لغاري چين جي دوري تي آهن، جتي درآمدي ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس بابت اڳڀرائي ڪئي وئي آهي. ٽي درآمد ٿيل ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس پاڪستان ۾ سڀ کان مهانگي بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، جن ۾ 1320 ميگاواٽ ساهيوال ڪول پاور پلانٽ، 1320 ميگاواٽ حب پاور پلانٽ ۽ 1320 ميگاواٽ پورٽ قاسم پاور پلانٽ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.