ميرپورخاص ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) پاڪستان دراوڙ اتحاد ۽ سماجي تنظيمن پاران معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن شيوا ڪڇي  ڊاڪٽر چيتن واجد لغاري لالا اظھر وڪيل ممتاز جروار ۽ ٻين چيو ته معصوم  پريا ڪماري جي بازيابي ۽ متاثر خاندان سان يڪجھتي لاءِ سمورو سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سنڌ جي معصوم نياڻي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ سواليا نشان بڻيل آهي، ڪشمور کان ڪراچي تائين صرف ھڪ آواز گونجي رهي آهي ته معصوم  پريا کي بازياب ڪرايو وڃي پر سنڌ حڪومت پاران عوام جي آواز جي جواب ۾ صرف ٺلا دلاسا آهن ھنن سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي سنڌ چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت ااغوا ٿيلن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ پريا جي بازيابي تائين پريا جي بازيابي لا۽ پورو سنڌ سراپا احتجاج بڻيل رھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.