جيڪڏهن توهان روز ملٽي وٽامنز استعمال ڪندا آهيو ته ڄاڻي وٺو انهن جو ڪو فائدو ناهي.
اها ڳالهه نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
جرنل جاما نيٽ ورڪ اوپن ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اهڙيون ڪي شاهديون موجود ناهن، جن سان ثابت ٿئي ته ملٽي وٽامنز جي استعمال سان مختلف مرضن جهڙوڪ ڪينسر ۽ دل جي مرضن کان تحفظ ملندو آهي.
حقيقت ۾ صحتمند ماڻهن کي ملٽي وٽامن سپليميٽنس جي استعمال سان ڪو فائدو ناهي هوندو.
ان تحقيق ۾ 4 لک جي لڳ ڀڳ بالغ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو، جن ۾ دائمي مرضن جي تاريخ نه هئي.
انهن ماڻهن جي صحت جو جائزو 20 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ورتو ويو ۽ ان دوران جن ماڻهن روز ملٽي وٽامنز جو استعمال ڪيو، انهن ۾ مختلف مرضن جا خطرا ٻين جي ڀيٽ ۾ نه گهٽيا.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جيڪي ماڻهو ملٽي وٽامنز جو استعمال ڪندا آهن، انهن ۾ موت جو خطرو 4 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
محققن ٻڌايو ته في الحال ملٽي وٽامنز سپليميٽنس جي استعمال جي فائدن ۽ نقصانن جي حوالي سان شاهديون اڻ پوريون آهن، اهو ئي سبب آهي جو اسان وڌيڪ جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته اڳ به تحقيقي رپورٽن ۾ اهو دريافت ڪيو ويو هو ته سپليمينٽس سان صحت کي ڪو خاص فائدو ناهي ٿيندو.
Prev Post
Next Post
You might also like