سُٺي صحت، وڏي زندگي ۽ موت کي ٽارڻ وارو ننڍڙو عمل

صحت خدا طرفان مليل هڪ نعمت آهي جنهن جو جيترو خيال ڪجي ايترو گهٽ آهي جيڪڏهن صحت صحيح آهي ته ماڻهوءَ کي هر ڳالهه وڻي ٿي پر جيڪڏهن صحت سُٺي ناهي ته دنيا جون ٻيون سڀ جو سڀ نعمتون اجايون محسوس ٿينديون آهن. اها ئي صحت آهي جيڪا سٺي ۽ بهتر زندگي گذارڻ جو به ذريعو آهي.

دنيا ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو هوندو جيڪو نه چاهيندو هجي ته سندس صحت سُٺي ۽ زندگي وڏي هجي جيڪڏهن صحت خراب ٿي وڃي ته انکي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي جتن ڪرڻا پوندا آهن پر ڇا توهان کي خبر آهي ته سُٺي صحت ۽ وڏي زندگي جي لاءِ هڪ سولو ڪم آهي؟ جيڪو توهان جي پنهنجي ئي هٿ ۾ هجي ٿو ۽ ان لاءِ توهان کي ڪي به جتن ڪرڻ جي ضرورت ناهي رڳو بس ٿوري محنت ڪرڻ جي ضروري آهي.

اهو ڪم آهي پنڌ گهمڻ.

توهان کي پنڌ ڪرڻ جي فائدن جي ته خبر هوندي ته ان جا صحت لاءِ ڪيترا فائدا آهن، پر اڄ اسان توهان کي ماهرن جي پنڌ بابت تحقيقن کانپوءِ ڏنل اهڙي مشوري بابت ٻڌائينداسين جيڪو توهان جي زندگي مٽائي ڇڏيندو.

ماهرن پنڌ ڪرڻ جي حوالي سان مختلف فائدا ٻڌايا آهن جيڪي توهان کي هيٺ ٻڌايون ٿا.

هيٺ پنڌ ۽ ان جي فائدن جي حوالي سان اسان اوهان کي سِڌي سنئين ماهرن جي ضامن مشوري بابت ٻڌايون ٿا.

ٽن منٽن جو پنڌ وڌيل بلڊ پريشر ۾ گهٽتائي جو ضامن آهي.

پنجن منٽن جو پنڌ خوشگوار موڊ آڻي ۽ پريشانين کان بچائيندو آهي.

ڏهه منٽن جو پنڌ تخليقي سوچ کي بيدار ڪندو آهي ۽ تخليقي صلاحيتن جو ضامن آهي.

کاڌي کانپوءِ پندرهن منٽن تائين پنڌ شگر کان محفوظ بڻائيندو آهي ۽ شگر کي گهٽائي مرض کي برقرار رکندو آهي.

کاڌي کانپوءِ ٽيهه منٽ مطلب ته اڌ ڪلاڪ جو پنڌ ٿولهه کان بچائيندو آهي جيڪا وڏين بيمارين جو سبب بڻجي ٿي.

چاليهه منٽن جو پنڌ دل جي بيمارين کان محفوظ رکندو آهي.

نوي منٽن جو پنڌ مايوسي ۽ ڊپريشن جي اثرن کي گهٽائي انهن کان بچائيندو آهي.

پنڌ ڪرڻ جا اهي اهڙا فائدا آهن جيڪي بهترين صحت جا ضامن آهن، پنڌ ڪرڻ سان اهڙي صحت ملندي آهي جيڪا يقينن توهان جي موت کي ٽاري توهان جي حياتي کي وڏو ڪرڻ ۾ به وڏي مدد ڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.