اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيو ته پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي بڻجي ويندي، باقي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ان جي تصديق ڪري رهيا آهيون، تمام جلد پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارلياماني پارٽي بڻجي ويندي.پارليامينٽ هائوس ٻاهران پي ٽي آءِ جي بک هڙتال ڪيمپ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اسان 40 ايم اين ايز جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته پنجاب مان 107 ۽ خيبرپختونخواهه مان 91 ۽ سنڌ مان 9 ايم پي ايز جي تصديق ڪئي آهي.هن چيو ته 26 جولاءِ تي پرامن احتجاج ڪنداسين، اسان عدليه کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي پرامن احتجاج ۾ رڪاوٽ وجهندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، رات پيٽ ۾ اينٽي ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.ان موقعي تي گوهر ايوب اعلان ڪيو ته سڀاڻي جمعي تي سڄي ملڪ ۾ پرامن احتجاج ڪندو، 5 آگسٽ تي ريلي جي درخواست ڪئي ويندي ۽ جلسي جي اڳواڻي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڪندو.