اسلام آباد(اعزاز سيد+فخر دراني) حڪومت سپريم ڪورٽ جي ججن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نئون پتو اڇلائي ڇڏيو، جلد نئون قانون منظور ٿيڻ وارو،چيف جسٽس کي به مدي ۾ واڌ نه ڏني ويندي، سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ نئين سيٽ اپ کي رام ڪرڻ جون تياريون، حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 21 ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آرٽيڪل 176 ۾ ترميم ڪري قانون واري وزارت کان سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ بل تيار ڪيو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جو اهو فيصلو ڪارگر ثابت نه ٿيندو، انگريز شاهي واري نظام سبب سپريم ڪورٽ ۾ هفتي ۾ ٻه موڪلون هونديون آهن، اهي سال ۾ 96 بڻجن ٿيون،اڍائي مهينا ٻيون موڪلون هونديون آهن، ساڍا چار مهينا ته اعليٰ عدليه ۾ موڪلن ۾ ئي گذري وڃن ٿا،حڪومت کي ڪيسن جو بار گهٽائڻ جي ايتري ڳڻتي آهي ته ججن جون موڪلون گهٽائي،ٻيو ته پاڪستان لا ڪميشن جي قانون کي بهتر ڪرڻ گهرجي،ججن جو انگ وڌائڻ سان خرچ وڌندا،قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سدائين ججن کي خوش ڪرڻ لاءِ ايڊونچر ڪيا آهن.