جسٽس عاليا نيلم قومي ناڻي جا هڪ ارب رپيا بچائي ورتا

لاهور (م ڊ) چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليا نيلم واڌو خرچن جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو. رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ  موجب چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليه نيلم جي اپائن سان قومي خزاني کي هڪ ارب رپين جي بچت ٿي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار جو چوڻ آهي ته پنجاب جي ماتحت عدالتن ۾ وڊيو لنڪ لاءِ واڌو سامان خريد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي، پنجاب جي سيشن ججن وٽ اڳ ئي وڊيو لنڪ سسٽم موجود آهي.

  1. اسرائيل جو خان يونس ۾ ٽيون ڀيرو آپريشن، 81 فلسطيني شهيد، 200 کان وڌيڪ زخمي

غزا (م ڊ) اسرائيلي فوج خان يونس ۾ ٽيون ڀيرو آپريسن شروع ڪري ڇڏيو، اوڀر علائقي ۾ رهائشي عمارتن ۽ بي گهر فلسطينين  جي خيمن تي بمباري ۾ 81 فلسطيني شهيد جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. اسرائيلي فوج لکين بي گهر فلسطينين کي ٻيهر جبري بيدخلي جو حڪم ڏنو، غزا ۾ گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي جو قافلو به اسرائيلي حملي جي ور چڙهي ويو.

  1. بنگلاديشي حڪومت پاران ڪوٽا سسٽم تي سپريم ڪورٽ جو حڪم تسليم

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي حڪومت سرڪاري ملازمتن ۾ ڪوٽا بابت فيصلي کي قبول ڪندي. ڍاڪا سميت ٻين شهرن ۾ حالتون پرسڪون رهيون پر ڪرفيو برقرار ۽ انٽرنيٽ ۽ ٽيليڪام سروس بند آهي. شاگردن حسينا واجد حڪومت کي پرتشدد ڪريڪ ڊائون تي معافي گهرڻ ۽ يونيورسٽيون ٻيهر کولڻ سميت 8 مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ اڄ تائين جو چتاءُ ڏنو آهي.

  1. آءِ ايم ايف سان پرڏيهي فنانسنگ گيپ تي ڳالهيون هلندڙ آهن: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان پرڏيهي فنانسنگ گيپ تي ڳالهيون هلندڙ آهن، آگسٽ جي آخر ۾ آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏيندو، هن پيو ته پرڏيهي فنانسنگ گيپ تي ڳالهيون اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ۾ رڪاوٽ نه بڻجنديون، هن چيو ته چين مختلف فورمز تي اسانجي مدد ڪئي آهي، چين جي ناڻي واري وزير سان ملاقات ڪري سندس شڪريو ادا ڪندس، چين جي دوري دوران چيني اختيارين سان توانائي جي شعبي ۾ ڳالهيون ڪيون وينديون.

  1. ڏکڻ سنڌ جي علائقن ۾ طوفان جو امڪان، الرٽ جاري

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) لاڳاپيل کاتن کي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو خدشو آهي جڏهن ته ڏکڻ سنڌ جي علائقن ۾ طوفان ۽ برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي موجب سانوڻي جون برساتون ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. ڪراچي، حيدرآباد، عمرڪوٽ سميت ڏکڻ سنڌ، سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو، ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو، سجاول، اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفان ۽ برسات جو امڪان آهي.  اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته عوام کي گذارش آهي ته برساتي ٻوڏ واري صورتحال کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺن، ان کان علاوه سياحن کي لينڊ سلائيڊنگ جي خطري کي نظر ۾ رکندي جبلن جي علائقن ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، خراب موسم ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، بجلي جي تارن توڙي پولن کان پري رهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.