ڪارونجهر کي عالمي ورثو قرار ڏئي تحفظ يقيني بڻايو وڃي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، اوڀايو جوڻيجو ۽ ايڊووڪيٽ مير پرويز دائودپوٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪارونجھر سنڌ جي دل آهي، ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي. ڪارونجهر کي ورثو قرار ڏيڻ واري سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي کي سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڪارونجهر ڪٽڻ چاهي ٿي. سنڌ سرڪار جي ڪارونجهر ڪٽڻ واري فيصلي خلاف ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب فصلن جي سڪي سڙڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اڳواڻن چيو آهي ته پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ ۾ فصل سڙي سڪي رهيا آهن، سرڪار کي ڪا به پرواهه ناهي، فصلن جي سڙڻ سبب کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.