اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جي ايڇ ڪيو ٻاهران احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو بيان پي ٽي آءِ باني طرفان معافي گهرڻ جي شروعات آهي.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني جو اهو بيان معافي ڏانهن پهريون قدم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، هاڻي منٿن جي شروعات ٿي چڪي آهي.