اسلام آباد (طلعت حسين) عالمي ريٽنگ ايجنسي فچ جي پاڪستان جي سياسي صورتحال بابت آيل تازي رپورٽ پاڪستان جي سياست ۾ مانڌاڻ مچايو آهي. فچ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمنٽ جي پارٽين جي حڪومت آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت 12 کان 18 مهينن جي اندر ختم ٿي وڃي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ايندي. ناليواري تجزيه نگار شهباز رانا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ماضي جهڙي ڪاڪڙ پلس فارمولي جهڙو نظام اچڻ وارو آهي. فچ رپورٽ ۾ عمران خان لاءِ به ڪا سٺي خبر ناهي. پاڪستان جا ڏيهي معاملا ايترا خراب ٿي ويا آهن جو دنيا هاڻي ان کي سنجيدگيءَ سان نه ٿي ڏسي. نارمل رياست بابت ڪڏهن به اهڙي رپورٽ نه ايندي آهي. جڏهن ملڪ جو بچاءَ وارو وزير ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جون ڳالهيون ڪري ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪي حالتون ڪيتريون خراب آهن.
-
ڪراچي ۾ پڪنڪ تي ويندڙ خاندان کان ڦر، مزاحمت تي عورت ۽ ٻارڙي زخمي
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ماڙي پور مڇي چوڪ وٽ ڦر مزاحمت تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت ۽ 8 ورهين جي ٻارڙي زخمي ٿي پئي، پوليس موجب ڪار ۾ سوار ڪٽنب هاڪس بي ۾ پڪنڪ منائڻ آيو هو ته رستي ۾ ڪار خراب ٿي پئي، موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ ڇوڪري زخمي ٿي پيا. زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال نيو ويو.پوليس موجب واقعو ڦر مزاحمت دوران پيش آيو، جوابدار فون ۽ پرس کڻي فرار ٿي ويا.ٻئي طرف ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ماڙيپور کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب ڊي ايس پي ماِِڙيپور واقعي جي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي، ايس ايڇ او ماڙيپور هڪ هفتي اندر جوابدارن کي گرفتار ڪري، جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته ايس ايڇ او خلاف کاتي وار ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته هن سال شهر ۾ ڦر جي مزاحمت سبب 82 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.