سانگهڙ(رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگھڙ ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ، فوتيءَ جي وارثن لاش رکي اليڪٽرانڪ جي دڪان سامهون ڌرڻو هنيو، ٻڌايو پيو وڃي ته سانگهڙ جي رحمت شاهه چوڪ تي قائم هڪ اليڪٽرانڪ جي دڪان تي ريموٽ ڪنٽرول واپس نه ڪرڻ تان گراهڪ ۽ دڪاندار وچ ۾ مبينه منهن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب گراهڪ زخمي ٿي پيو، زخمي محمد اسماعيل کي نوابشاهه اسپتال نيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو. هوڏانهن فوت ٿيڻ کان اڳ محمد اسماعيل ميڊيا آڏو موقف ڏيندي چيو ته هن دڪاندار فيصل اقبال ڀٽي کان اي سي ورتي هئي، جنهن جو ريموٽ ڪنٽرول خراب هجڻ ڪري اهو واپس ڪرڻ ويس ته دڪاندار ريموٽ ڪنٽرول واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو ته اسان وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن تي دڪاندار مٿس پستول جا فائر ڪيا، جنهن ڪري کيس گوليون لڳيون آهن. هوڏانهن دڪاندار فيصل اقبال ڀٽي جو چوڻ آهي ته محمد اسماعيل نالي شخص ڦر جي ارادي سان دڪان ۾ داخل ٿي هٿيار سڌا ڪيا، جنهن تي جوابي فائرنگ دوران هو زخمي ٿي پيو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي پهچي زخمي کي سول اسپتال سانگهڙ مان نوابشاهه اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، واقعي بعد زخمي سان گڏ هڪ شخص ۽ دڪاندار مالڪ فيصل ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان پستول ۽ گوليون برآمد ڪيون ويون آهن. وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن جهيڙي دوران فوتي شخص جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو، واقعي بعد خاصخيلي برادري جا ماڻهن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، جن دڪان سامهون لاش رکي ڌرڻو هنيو، سندن مطالبو هيو ته جيستائين دڪان مالڪ مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي، تيستائين هو لاش نه کڻندا، ڌرڻي واري جاءِ تي پوليس جي وڏي نفري پهتل هئي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.