خواجا آصف آئيني بريڪ ڊائون جي ڳالهه نه ڪري، حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي: فيصل واوڊا

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته آئين ۾ ترميم پارليامينٽ ڪري سگهي ٿي، آئين جي تشريح سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مخصوص سيٽن بابت ڪيس تي تبصرو ڪندي فيصل واوڊا چيو ته فريادي سني اتحاد ڪائونسل هئي، فائدو پي ٽي آءِ کي مليو، پاڪستان ۾ ڀڙڪائڻ جي ڪنهن کي اجازت ناهي. هن چيو ته خواجا آصف آئيني بريڪ ڊائون جي ڳالهه نه ڪري سندن حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي، مان پنهنجي ڳالهه تي قائم آهيان ته مخصوص سيٽن تي پي ٽي آءِ کي مايوسي ٿيندي.

  1. صدر آصف علي زرداري ميئر ڪراچي کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري ميئر ڪراچي کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو. ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ  وهاب صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ايوان صدر ۾ ٿيندي جنهن ۾ شهر ۾ پاڻي جي مسئلن ۽ ميگا اسڪيمن تي ميئر ڪراچي صدر کي بريفنگ ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.