ڪراچي پوليس جو آفيسر به ڦورو نڪتو، ساٿي سميت سوگهو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ بئنڪ مان پئسا کڻي نڪرندڙ شهرين کان ڦر ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ هڪ پوليس آفيسر به شامل آهي. جڏهن ته جوابدارن جا 3 ساٿي فرار ٿي ويا آهن.سب ڊويزن پوليس آفيسر (ايس ڊي پي او) ڊفينس فائزه سوڍر پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جوابدار سبحان ۽ نذير کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار، روڪ رقم، موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.هن چيو ته جوابدارن جي گروهه ۾ 5 ميمبر شامل هئا، جن مان هڪ جوابدار بئنڪ اندر ئي رهي پنهنجي ٻين ساٿين کي ٻڌائيندو هو، هن چيو ته 18 جولاءِ تي جوابدارن شهري کي 6 لک رپيا ڦر ڪيا هئا، ان کان سواءِ ڊفينس، ڪلفٽن، گذري، جمشيد ڪوارٽرز ۽ ٻين علائقن ۾ به وارداتون ڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.