ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) پنجاب حڪومت وانگر سنڌ حڪومت به سولر انرجي ذريعي 50 کان 100 يونٽ بجلي استعمال ڪرڻ وارن آف گرڊ واهپيدارن کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران ڪيو ويو. توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته توانائي کاتي جي سروي موجب سنڌ ۾ 80 هزار خاندان هر مهيني 50 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح هر مهيني 100 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهرن جو تعداد 19 لک آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 26 لک آف گرڊ گهرن مان 5 لک گهرن کي پهرين مرحلي ۾ سولر نظام فراهم ڪري سگهجي ٿو. ان تي 25 ارب رپيا خرچ ٿيندو. وڏي وزير چيو ته ٽي ايل اي ڊي بلب، 35 واٽ ڊي سي فين ۽ موبائل چارجنگ پورٽس سان گڏ 100 واٽ جو سولر گهريلو نظام 6 ڪلاڪن جي بيٽري بيڪ اپ لاءِ ڪافي آهي. وڏي وزير چيو ته 100 گهرن جي ڪلسٽر لاءِ پائلٽ پروجيڪٽ طور سمورن 6 ڊويزنن ۾ 75 ڪلو واٽ جا ڇهه مائيڪرو گرڊ قائم ڪري سگهجن ٿا. اهي گرڊ 100 ڪلو واٽ استعمال ڪندڙ گهرن کي بجلي فراهم ڪري سگهن ٿا. مراد علي شاه تجويز ڏني ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ 305 ميگاواٽ جا ٽي سولر پارڪ قائم ڪيا وڃن. وڏي وزير توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو سولر پارڪ ۽ سولر هوم سسٽم لاءِ پروپوزل تيار ڪري. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو سولر هوم سسٽم استعمال ڪندڙن جو ڊيٽا گڏ ڪري جنهن سان فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي جي اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته 2022ع جي تيز برساتن دوران پنگريو ڍورو ايل بي او ڊي سسٽم ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي. هن چيو ته سائفن پنگريو ڍورو مان اضافي خارج ٿيڻ کي منظم ڪندي ان کي ڍورو پراڻ ۾ موڙيندو جيڪو آخرڪار شڪور ڍنڍ ۾ ڪري ٿو جنهن سان خطري کي گهٽائڻ ۽ سسٽم جي گنجائش ۾ اضافو ٿيندو. مراد علي شاهه چيو ته 28 آگسٽ 2022ع تي پراڻ ڍورو جي آر ڊي 7 ۽ 8 ۾ ٻه وڏا گهارا پيا، کين کي وڏين ڪوششن سان ڀريو ويو، سائفن جي اڏاوت کانپوءِ اهو مسئلو حل ٿي ويندو. اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کهڙو وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته باقي علائقن لاءِ به نيڪال سسٽم ٺاهي ۽ انهن کي فعال ۽ بحال ڪري وهڪرن کي ڳنڍيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هي نيٽ ورڪ آخرڪار قدرتي نيڪال واري رستن ذريعي شڪور ڍنڍ مان نڪرندو.