ڪراچي /حيدرآباد (نمائندن وٽان) ڪراچي اسٽيل ٽائون پوليس جي فائرنگ ۾ 2 هفتا اڳ قتل ٿيل سائرن سمون ۽ زخمي ٿيندڙ ڌيءَ واري واقعي جو مرضي موجب ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف سمان برادري پاران مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب، ٺٽي ۾ سمان برادري جي معزز محمد يعقوب سمون، ايڊووڪيٽ اشرف سمون، وڏيرو احمد سمون، شبير سمون، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، پير گلاب شاھه، اياز لاشاري، قادر موليپوٽو، عبدالله آدم گندرو، طفيل سمون، جميل سمون، بلاول سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو، بدين ۾ شاهنواز سمون، آزاد سمون، محمد عمر سمون، علي نواز سمون، عبدالرسول سمون ۽ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور جي اڳواني ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هوڏانهن ٽنڊي محمد خان ۾ الفتاح چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي وئي، جنهن جي اڳواڻي حاجي محمد صديق سمون، عجائب سمون، محمد صالح سمون، علي نواز سمون، سول سوسائٽي جي عبدالحفيظ سٺيو، ڪائونسلر محمف جمن ڪيھر ۽ ٻين ڪئي. ٻئي طرف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران حاجي محمد حنيف سمون، ممتاز سمون ۽ فاروق سمون جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ٿيو، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مقتولا جي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪري قتل ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.