چين زميني سروي لاءِ نئين سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏي

شانزي (م ڊ) چين اترئين صوبي شانزي ۾ واقع تائي يوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان زمين جي نگراني ڪندڙ هڪ نئين مشاهدي  واري سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب Gaofen-11 05 سيٽلائيٽ کي راڄڌاني بيجنگ جي وقت موجب صبح 11 لڳي 3 منٽن تي لانگ مارچ 4 بي ڪيريئر راڪيٽ ذڙيعي لانچ ڪيو ويو جيڪو منصوبابند مدار ۾ ڪاميابي سان داخل ٿيو. هن سيٽلائيٽ کي زمين جي سروي، شهري منصوبابندي، روڊن جي نيٽ ورڪ جي ڊيزائنز، فصلن جي پيداوار ۽ قدرتي آفتن مان ڇوٽڪاري سميت مختلف شعبن ۾ استعمال ڪيو ويندو.

  1. سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي هفتي ۾ واپس آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ايدمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گونارتني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي آزادي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي هفتي ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سريلنڪا ۾ پاڪستاني قيدين جي ڏيهه واپسي لاءِ ٻنهي طرفان ضروري ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيدين جي آزادي لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قيدين جي ڏيهه واپسي لاءِ سهڪار تي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا. محسن نقوي چيو ته سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي ڏيهه واپسي لاءِ سڀني اپائن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.

  1. اينڪر عائشا جهانزيب تشدد ڪندڙ مڙس سان ٺاهه ڪري ورتو

لاهور (م ڊ) گهريلو تشدد جو شڪار مشهور ٽي وي اينڪر عائشا جهانزيب ۽ سندس مڙس حارث علي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو. لاهور جي سيشن عدالت ۾ ڪالهه عائشا  جهانزيب پنهنجي وڪيل ممتاز معرفت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش ٿي، ٻڌڻي دوران جوڙي وچ ۾ راضي نامي جو معاهدو طئي ٿي ويو. عدالت اينڪر سان استفسار ڪندي چيو ته چهرو ڏسي لڳي رهيو آهي ته اوهان تي وڏو ظلم ٿيو آهي، ڇا اوهان پنهنجي مرضي سان آيا آهيو؟. عائشا جهانزيب جواب ۾ ڏنو ته اهو جيڪو ٿيو ڏاڍو ظلم آهي، ڪنهن عورت سان ائين نه ٿيڻ گهرجي، پر جيڪو وڏن جو فيصلو آهي مان انهيءَ کي مڃان ٿي. هن عدالت ۾ بيان ڏنو ته ڪيس جي پيروي نٿي ڪرڻ چاهيان، شاهدن جي موجودگي ۾ اهو فيصلو ٿيو آهي.جج رمارڪس ڏنا ته راضي نامو ضمانت جي حد تائين منظور ڪري رهيا آهيون، برئيت جو فيصلو چالان تي ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.