ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ چيف ايگزيڪٽو آفيسر نيشنل انشورنس ڪارپوريشن جي مقرري جي حوالي سان لکت ۾ عدالتي حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت سي اي او نيشنل ڪارپوريشن جي مقرري عمل قانون جي موجب ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته سي اي او جي مقرري جي لاءِ بورڊ آف ڊائريڪٽر هڪ عورت کي ميمبر طور شامل ڪيو وڃي. عدالت ڪامرس جي سيڪريٽري، ايس اي سي پي سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذارسيد صولت حسين نقوي نيشنل انشورنس ڪارپوريشن جي سي اي او جي عهدي تي اپلائي ڪيو. بورڊ آف ڊائريڪٽرن جي ممبران ۾ هڪ عورت به آهي. موجوده سي اي جي مدت ملازمت ۾ واڌ عوامي مفاد جي خلاف اميدوارن کي نظر انداز ڪرڻ آهي.
-
ايم اين اي فهيم خان جو نالو پي اين آءِ ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت ايف آءِ اي ۽ ٻين کان جواب طلب
ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ايم اين اي فيهم خان جو نالو پي اين آءِ ايل ۾ شامل ڪرڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ايف آءِ اي، ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ کي 7آگسٽ جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار جي وڪيل بئرسٽر علي طاهر چيو ته فهيم خان کي هر ڪيس ۾ ضمانت ملي وئي آهي پر ان جي باوجود پرويڙنل نيشنل انيڊنٽيفيڪشن لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ان کي ڪڍيو وڃي.