جسٽس مشير جي ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان معذرت، سردار طارق ۽ مظهر عالم راضي

اسلام آباد (م ڊ) جسٽس (ر) مشير عالم سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان معذرت ڪري ورتي، سردار طارق ۽ مظهر عالم راضي ٿي ويا آهن. جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان کي پنهنجي خط ۾  جسٽس رٽائرڊ مشير عالم چيو ته الله مون کي منهنجي عهدي کان وڌيڪ عزت ڏني آهي، ايڊهاڪ ججن جي نامزدگي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي شروع ڪيل مهم مان سخت مايوسي ٿي آهي. جسٽس رٽائرڊ مشير عالم وڌيڪ لکيو ته موجوده حالتن ۾ ايڊهاڪ جج طور ڪم ڪرڻ تي معذرت ڪريان ٿو. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ سردار طارق مسعود ۽ جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ٿيڻ تي راضي ٿي ويا آهن. جڏهن ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اڃا تائين ڪو جواب ناهي ڏنو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ 4 اڳوڻي ججن جي ايڊهاڪ ججن جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 19 جولاءِ تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايڊهاڪ ججن جي نالن تي غور ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.