محرم الحرام جي مھيني شروع ٿيڻ سان امام حسين جن جي ياد ذھن تي تري ايندي آھي.جيتوڻيڪ امامن جي شھادت کي صديون گذري ويون آھن تڏھن پڻ مومن سندس سبق ۽ قربانين کي ياد رکندا ٿا اچن. ان مھيني سان جي پھرين ڏھي دوران مسلمان سندس ڳالهين، سندس قربانين ۽ امامن جي قربانين جو ذڪر اذڪار ڪري ھنن جي ھمت ،جرئت،بھادري ۽ قرباني کي زندھ رکندا ٿا اچن.
انساني تاريخ ۾ ڏاڍ سان مھاڏو اٽڪائيندڙن جي ئي تاريخ ٺھندي آھي.جنھن ڪري تاحال ان واقعي کي بغاوتن ۽ ڏاڍي سان ٽڪرائڻ جي طور تي ھن وقت تائين تاريخ ۾ محفوظ رھڻ جو سبب مليو آھي. تاريخ ۾ غيرمعمولي واقعن جو پڙاڏو زماني تائين ٻڌڻ ۾ ايندو رھي ٿو، ڪربلا جو واقعو ھڪ خاص اھميت رکي ٿو،.ان سانحي کي ھڪ دور جو نسل ايندڙ ٻئي نسل ڏانهن منتقل ڪندو رھي ٿو.
ھي واقعو ظالم ۽ مظلوم جي ڪردار جي تشريح ۽ قرباني جو ھڪ اڻوسرندڙ مثال آھي. هر دور جي ظالم ۽ مظلوم جو ترجمان بڻجي ويو آھي ۽ سبق سيکاري ٿو ته ظالم سان هر حالت ۾ مقابلو ڪيو وڃي ۽ مظلوم جو هر صورت ۾ ساٿ ڏنو وڃي.ظلم جي ظلم جي معنيٰ کي سمجهڻ لاءِ ڪربلا جو واقعو چٽو ٿي آڏو ايندو آهي. تاريخ کي ياد رکندڙ اھڙن غيرمعمولي واقعن کي مسمار ڪرڻ جي سازش کي اهڙا واقعا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. ايئن به ناهي ته ڪو دنيا مان رڳو ٻوليون ۽ ثقافتون نابود ٿي وينديون آهن پر جيڪڏهن تاريخ کي زنده رکڻ جي جستجو نھ ڪجي ته خود تاريخ به ميسارجي ويندي آهي.
قرباني جو ھي واقعو هر دور ۾ امر رهيو آهي جنھن کي ياد رکڻ جو مقصد دراصل اھو ئي ھوندو آھي تھ ماڻهو اهڙن واقعن مان اتساهه وٺي پر انهيءَ الميي تي به ماتم ڪري سگهجي ٿو ته انهن تاريخي واقعن مان سبق گهٽ ئي پرايو وڃي ٿو ۽ انهن واقعن کي صرف مذهبي فرضن تائين محدود رکيو وڃي ٿو پر اندر ۾ پاڻ کي اجاريو نٿو وڃي.پنهنجي اصلاح نٿي ڪئي وڃي،پنهنجي ڌرتيءَ تي ۽ سماج اندر موجود ”ظالم“ خلاف اٿي کڙي ٿيڻ واري سبق تي عمل نٿو ڪيو وڃي.
حضرت علي عليه السلام جو هڪ قول آهي ته ”ماڻهوءَ جو اصل ظرف تڏهن ظاهر ٿيندو آهي جڏهن هو بااختيار هجي“.ڪربلا جو واقعو اهو سبق ڏئي ٿو ته هر قسم جي ظلم ڏاڍ ۽ بربريت کي ختم ڪيو، ڇا اسان اهو سبق پرايو آھي ؟ڪربلا جي واقعي مان ٿئي ٿو ته شهادت امام حسين عه تاريخ جو اُهو المناڪ سانحو آهي، جنهن جي ذڪر کان ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ خالي نھ آھي خاص ڪري دنيا جي مسلمانن ۾ اڄ به ذڪر حسين عه ادب و احترام سان ڪيو وڃي ٿو رھندي دنيا تائين ڪربلا جي شهيدن جو ذڪر جاري رهندو.
تاريخ اسلام ۾ هر شهادت جي پنهنجي جاءِ تي اهميت آھي، پر شهادت امام حسين عه جو واقعو ٻين شهادتن کان مختلف ۽ منفرد آهي. حضرت امام حسين عه اهڙي عظيم تاريخي قرباني پيش ڪئي، جنهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي ۽ جنھن ڪري تاريخ ۾ ان کي خاص اهميت حاصل آهي. هڪ طرف ظلم جو منظر هو ته ٻئي طرف پيغمبر صلي الله عليه وسلم جي آل سان گڏ 72 ساٿين جي مختصر ٽولي سان باطل سان مقابلو ۽ ان سان جهاد تي ثابت قدمي، قرباني ۽ جان نثاري جو اهم منظر هو ۽ انهيءَ واقعي ۾ عبرت ۽ حڪمت جا سوين سبق پوشيده آهن. طاقت جي نشي ۾ چور، تڪبر ۽ غرور جي پيڪر يزيد کي ان وقت جي واحد ڪردار امان حسين عھ بهادري سان للڪاري اهو عظيم مثال قائم ڪيو، جنهن هڪ طرف دنيا کي حيرت ۾ وڌو ته ٻئي پاسي ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عه جن پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان سميت دوستن جون شهادتون پيش ڪري اسلام ۽ انسانيت کي قيامت تائين بچائيندي اسلام کي هڪ نئي زندگي عطا فرمائي
اڄ عاشوري جو ڏينهن آهي،جنھن جي تاحال رڪارڊ تي موجود تاريخ ۾ اھميت اصل ۾ رسول صه جي ڏوهٽي، دين حق جي سربلندي ۽ حفاظت جي عظيم علم بردار امام حسين عه جي عظيم قرباني جي ڪري ئي آهي. ڏھين محرم الحرام تي عام طور تي سموري دنيا ۾ ڪربلا شهيدن جي ياد ۾ ڏک جي لهر ڇانيل ھوندي آهي، اڄ شهداءِ ڪربلا جي بھادرن جي شهادت جو ڏينهن آهي، جن ثابت ڪري ڏيکاريو ته جنگ رڳو هٿيارن ۽ ماڻهن سان نه پر همت، ڏاهپ، ۽ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي جذبي سان به وڙهي سگھجي ٿي. حضرت امام حسين عه جي شهادت دنيا جي سڀني محڪوم، مظلوم ماڻهن ۽ قومن کي اميد ۽ اتساهه بخشيو آهي. جنهن درس ڏنو ته توهان حق ۽ سچ تي آهيو پوءِ ڀلي ٿورائي ڇو نه هجو ڪوڙ سان مهاڏو اٽڪايو، پوءِ ڇو نه ماريا وڃو!
ڪربلا جو واقعو دنيا جي مسلمانن کي اھو سبق سيکاري ٿو ته ظالم ڀلي ڪيترو به طاقتور ڇو نھ ھجي پر، آخر فتح حق ۽ سچائي جي ٿيندي آهي .
امامن پاران دنيا جي مسلمانن جي لاءِ ڇڏيل اھو سبق ئي اڄ انسانيت جي بقا جو ضامن آهي، حضرت امام حسين عه جي مقدس هستيءَ جي شهادت، ميدان ڪربلا کي جيڪو مقام، مرتبو ۽ عالم السلام ۽ عالم انسانيت کي سوچ ۽ فڪر عطا ڪيو آهي، ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ھي رڳو ڪو ھڪ واقعو ئي ناهي پر ان جي دنيا جي ھن قت تائين جي ظالم ۽ مظلوم جي ھلندڙ جنگ جو ھڪ اھڙو مثال آھي،جيڪو ھاڻي دنيا جي مسلمانن جي لاءِ ظالم ۽ مظلوم جي علامت بڻجي ويو آھي.
اڄ جڏھن ھڪ طرف سموري دنيا ۾ مسلمان ٻين مذھبن جي ماڻھن کان پوئتي رھيل آھن، ان جي ٻين ڪيترن ئي سببن ۾ ھڪ سبق اسلام جي اصولن ۽ قانون جي اھل جوھر کي وساري ڇڏڻ پڻ آھي.ھن جديد دنيا جي گھرج آھي تھ مسلمان حق ۽ سچ جي راھ تان ھٿ نھ کڻن ۽ ظالمن خلاف اٿي کڙا ٿين.ظلم جي صورت بدلجي وئي آھي.جنھن ڪري اڄ ھر مسلمان کي پھرين جنگ پنھنجي اندر ۽ پنھنجي نفس سان وڙھڻ جي گھرج آھي.جنھن بعد ئي حق ۽ سچ جو سبق حاصل ٿي سگھندو.