ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۾ ٻن شاگرد ڌڙن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 5 شاگرد مارجي ويا، 100 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا. ڍاڪا ۾ شاگردن طرفان ملازمتن جي ڪوٽا جي عارضي معطلي خلاف احتجاج ڪيو ويو، شاگردن جي احتجاج دوران پرتشدد واقعن کي روڪڻ لاءِ پوليس مقرر ڪرڻي پئي. گذريل ڏينهن احتجاجي شاگردن ۽ وزيراعظم جي حامي شاگرد ونگ ۾ چڪريون ٿيون، احتجاج دوران ريلوي ٽريڪس ۽ اهم رستا بلاڪ ڪيا ويا. شاگردن مطالبن جي منظوري تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.