ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا جي اڳوڻو پرسنل اسسٽنٽ جي اڪائونٽ مان 400 ڪروڙ رپين جي ٽراسزيڪشن ٿي آهي، ان انڪشاف کانپوءِ بنگلاديش جي سينٽرل بئنڪ وزيراعظم شيخ حسينا جي پرسنل اسسٽنٽ جهانگير عالم، سندس گهرواري ۽ وزيراعظم سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ادارن جا بئنڪ اڪائونٽ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته هو منهنجي گهر ۾ نوڪر جو ڪم ڪندو هو ۽ هاڻي 400 ڪروڙ رپين جو مالڪ بڻجي ويو آهي. پريس ڪانفرنس کانپوءِ بنگلاديش بئنڪ جي فنانشل انٽيليجنس يونٽ مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت جهانگير عالم ۽ سندس گهرواري جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.