اسلام آباد(معظم فخر) اهم ترين شخصيت جي ايوان صدر آمد، ٻن ڪلاڪن تائين صدر آصف علي زرداري سان ملاقات، اها شخصيت هيليڪاپٽر تي پهتي هئي، ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ملاقات ڪندڙ اهم ترين شخصيت جي پنڊي ۾ به اهم غيررسمي گڏجاڻي ٿي آهي، ان ملاقات جي فيصلن کان صدر آصف زرداري کي آگاهه ڪرڻ ضروري هو، ان ملاقات مهل وزيراعظم شهبازشريف اسلام آباد ۾ موجود نه هو، هو مري ۾ پنهنجي ڀاءُ نوازشريف سان مشاورت ۾ مصروف هو، 9 مئي واقعن تي پي ٽي آءِ باني عمران خان کي 9 ڏينهن لاءِ رمانڊ تي ڏنو ويو آهي، انهن واقعن جي بنياد تي ئي پي ٽي آءِ تي پابندي هنئي ويندي، پارٽي تي پابندي جو فيصلو ن ليگ يا پ پ جو ناهي پر انهن قوتن جو آهي جيڪي 9 مئي واقعن تي گهڻيون ڪاوڙيل آهن، انهن قوتن صدر آصف علي زرداري کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي، باقي پ پ جي ٻي قيادت جيڪا چئي رهي آهي ته پارٽي کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو ته جن کي اعتماد ۾ وٺڻو هو اهو وٺجي چڪو آهي،جڏهن ته 9 مئي واقعن تي پي ٽي آءِ حامي ججن جيڪڏهن پارٽي کي ٿورو به رليف ڏنو ته پوءِ ايمرجنسي پلس جو آپشن به فائنل ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾اسلام آباد ۾ ڪجهه اهم وڪيلن سان رابطا به ڪيا ويا آهن ته ايمرجنسي پلس جي صورت ۾ انهن کي پي سي او جج طور حلف کڻايو وڃي،ادارو آئيني ۽ قانوني طور 9 مئي جي جوابدارن کي سزا ڏيارڻ چاهي ٿو ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ چاهي ٿو،جمهوري نظام کي آخري موقعو ڏنو ويو آهي اهو به پيغام موڪليو ويو آهي ته 14 آگسٽ تي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ ٿي سگهي ٿو ته خاص مهمان ڪو ٻيو هجي