پيرجوڳوٺ/سکر/ جيڪب آباد (نمائندن وٽان)سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پيرڳوٺ پهچي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪوآرڊينيٽر مرحوم نذير ڌوڪي جي پٽن سان تعزيت ڪئي. تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته هڪ سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ جي حق ۾ ناهيو پر جيڪو ڪجهه پي ٽي آئي سان ٿي رهيو آهي ان جا ذميوار هو پاڻ آهن هاڻي پي ٽي آئي ڄاڻي وفاقي حڪومت ڄاڻي فيصلو عدالتن ۾ آهي، وڏي وزير چيو ته 10 محرم الحرام تي ڪراچي، سکر، خيرپور سميت سڄي سنڌ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام تمام سخت ڪيا ويا آهن جڏهن ته هر قسم جون سهولتون پڻ مهيا ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، سيد خورشيد شاھه، جنيد سليم جيڊي، سيد ناصر شاھه، نواب وساڻ، سيد جاويد شاھه، بچل شاھه، شرف الدين گھمرو، معشوق گھمرو، سلطانا کٽياڻ ۽ ٻيا گڏ هئا. مرحوم نذير ڌوڪي 3 ڏينهن اڳ ڦڦڙن جي عارضي سبب گمس اسپتال گمبٽ ۾ فوت ٿي ويو هو. هوڏانهن جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 2015 ۾ ماتمي جلوس دوران ڌماڪي ۾ ڪيترائي عزادار شهيد ٿيا هئا، سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڻ پهتو آهيان، ان کان اڳ وڏي وزير جي سکر ايئرپورٽ پهچڻ تي خورشيد شاهه، ناصر شاهه ۽ ٻين آجيان ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج جو دورو ڪري گيٽ لڳائڻ جو جائزو ورتو ان موقعي تي سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.