ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب ٻه سئو عزادارن جي حالت بگڙجي وئي.
جناح اسپتال جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول موجب، جناح اسپتال جي ڪئمپ ۾ منجهند هڪ وڳي تائين گرمي سبب متاثر ماڻهن جا ٻه سئو ڪيس رپورٽ ٿيا.
هن چيو ته گرمي سبب ٻه سئو عزدارن جي حالت خراب ٿي وئي جن کي طبي امداد ڏني وئي آهي.
ڊاڪٽر شاهد رسول اپيل ڪندي چيو ته شهري سخت گرمي ۾ ٿڌا شربت واپرائن ۽ غير ضروري طور گهر کان ٻاهر نه نڪرن.
You might also like