ڪراچي نشترپارڪ مان نائين محرم جو مرڪزي جلوس برآمد

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون برپا.  ڪراچي ۾ 9 محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيو،  جيڪو مختلف رستن کان ٿيندي منزل تي پهچي نهر  ٿيندو. جلوس جي روٽ تي رستا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايم اي جناح روڊ جزوي طور کليل آهي. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان جلوس جي نگراني ڪئي پئي وڃي. ماتمي جلوس دوران سڪيورٽي لاءِ پنج هزار کان وڌيڪ پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته رينجرز جي جوانن کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. ماتمي جلوس جي سڪيورٽي لاءِ عمارتن تي شارپ شوٽرز کي مقرر ڪيو ويو ، مين ماتمي جلوس جي رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو جڏهن ته ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي جهڙتي ورتي پئي وڃي. سنڌ پوليس طرفان سڪيورٽي لاءِ اين آر ٽي سي روبوٽ متعارف ڪرايو ويو آهي،  جيڪو بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد لاءِ آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملدارن چيو ته انساني جانيون بچائڻ لاءِ روبوٽ متعارف ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته  پاڪستان ۾ تيار ڪيل روبوٽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ڪئمرائون پڻ لڳايون ويون آهن. ملير جي گوهر گرين سٽي واري علائقي ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس برپا ڪري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.