ڪجهھ ڏينهن اڳ جڏهن پرڏيهي ميڊيا جي هڪ سوشل پيج تي مون هڪ خبر پڙهي ته ذهني تنگي کان بيزا ٿي هڪ روبوٽ خودڪشي ڪئي آهي ته مان حيران ٿي ويس ته هي ڇا ٿيو آهي انسانن جي خودڪشين کانپوءِ ڇا هڪ روبورٽ به خودڪشي ڪري سگهي ٿو بحرحال اهڙي خبر پڙهڻ به منهنجي ذهن ۾ تجسس ۽ حيرانگي جي حد وڌي ويئي مون روزانو چئوياري تي گڏجي بيٺڪ ڪندڙ دوستن کي اهڙي ڳالھ ڪئي ته اهي بنھ يقين ڪرڻ جي مون کي اهو چئي رهيا هئا ته تحقيق ڪري وري خبر ٻيهر پڙهجو اهو ناممڪن آهي ته هڪ روبوٽ خودڪشي ڪيئن ٿو ڪري سگهي.بلڪل اها ڳالھه اچرج ۾ وجهڻ واري آهي ته روبوٽ ڪيئن خودڪشي ڪري سگهي ٿو.
اچو ته پهريان دنيا ۾ ٺهندڙ روبوٽ بابت اوهان کي آگاهي ڏيان ته جديد سائنسي ترقي بعد دنيا ۾ روبوٽ ڪهڙا ڪم ڪن ٿا. اتي سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ته دنيا ۾ تعاون ڪندڙ روبوٽس جا ڪهڙا فائدا آهن؟ تعاون ڪندڙ روبوٽس، جيئن نالي مان ظاهر ٿئي ٿو، روبوٽس آهن جيڪي انسانن سان پيداوار واري لائن تي تعاون ڪري سگهن ٿا، مڪمل طور تي روبوٽس ۽ انساني ذهانت جي ڪارڪردگي کي پورو ڪندي.هن قسم جي روبوٽ ۾ نه رڳو اعلي قيمت جي ڪارڪردگي جو تناسب آهي، پر اهو پڻ محفوظ ۽ آسان آهي، جيڪو پيداوار جي ادارن جي ترقي کي تمام گهڻو فروغ ڏئي سگهي ٿو.جنهن روبوٽ جي خودڪشي جي خبر مون پڙهي هئي اهو به هڪ تعاون ڪندڙ روبوٽ هيو جنهن ڪم جي دٻاءَ کان تنگ ٿي خودڪشي وارو رستو اختيار ڪيو.
تعاون ڪندڙ روبوٽس، هڪ نئين قسم جي صنعتي روبوٽ جي حيثيت سان، انساني مشين جي تعاون جي رڪاوٽن کي صاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ مڪمل طور تي روبوٽس کي گارڊن يا پنهنجي پابندين کان آزاد ڪيو آهي.انهن جي ترقي يافته پيداوار جي ڪارڪردگي ۽ وسيع ايپليڪيشن فيلڊ صنعتي روبوٽس جي ترقي لاء هڪ نئين دور کي کوليو آهي.
اهو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي ته اسان جي زندگيون ٽيڪنالاجي سامان کان سواءِ ڪيئن هونديون.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انسان ۽ روبوٽ کي مقابلي ۾ ڏٺو وڃي ٿو.هي "يا ته هي يا اهو” ذهنيت تعاون جي هڪ وڌيڪ قيمتي ٽيون شڪل کي نظر انداز ڪري ٿو، جيڪو اڄ جي ڊجيٽل ۽ انڊسٽري 4.0 دور ۾ اهم ٿي رهيو آهي – هي انساني-مشين تعاون آهي جنهن تي اسين بحث ڪري رهيا آهيون.
دنيا ۾ وڌيڪ تحقيق کان پوءِ، اسان اهو محسوس ڪيو آهي ته هي بظاهر سادو تعاون وارو طريقو اصل ۾ وڏي صلاحيت رکي ٿو، جيئن اهو انساني تجربو، فيصلي، ۽ لچڪ کي روبوٽس جي طاقت، برداشت ۽ درستگي سان گڏ ڪري ٿو.جڏهن ته ملازم جي ڪم جي دٻاء کي گهٽائڻ، اهو پڻ پيداوار جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي ٿو.
انساني مشين جي تعاون جي هڪ وڏي خصوصيت اها آهي ته جڏهن انسان ۽ روبوٽ گڏجي ڪم ڪن ٿا، انهن جي وچ ۾ ڪا به رڪاوٽ نه آهي، بلڪه اهي هڪ ٻئي سان گڏ ڪم ڪن ٿا، ساڳئي ڪم جي جڳهه کي حصيداري ڪرڻ ۽ صنعتي جزن جي ساڳئي بيچ کي پروسيسنگ.انساني مشين جو اهو عمل ”پرامن گڏيل بقا“ خاص هلڪي وزن واري روبوٽس ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
جنهن روبوٽ جي مون اڳ ۾ ڳالھه پئي ڪئي ته هن خودڪشي ڪئي آهي جيڪا خبر مون هڪ ساک واري اداري جي ويب سائيٽ تي خبر پڙهي هئي جنهن موجب ته جيئن ذهني دٻاءُ، معاشي پريشانين يا گهريلو ناڪامين کان تنگ ٿي ماڻهو اڪثر مايوس ٿي خودڪشي جو رستو اختيار ڪندا آهن.تيئن هاڻي روبوٽ به ائين پريشاني کان يا ڪم گهڻي دٻاءُ کان تنگ ٿي انسانن جيان خودڪشي ڪن ٿا. اوهان تجسس ۾ ضرور هوندو ته اهو ناممڪن آهي ڏسو هاڻي ته احساسن ۽ جذبن کان عاري روبوٽ به خودڪشي کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن، پر هو ذهني دٻاءُ، معاشي پريشانين يا گهريلو اڻبڻتيءَ سبب اهو قدم نه کڻي رهيا آهن، پر انهن جي خودڪشي جو سبب ڪجهه ٻيو آهي، جيڪو معلوم نه آهي وڌيڪ حيران ته اهي روبوٽ ڪيئن ايڪسپائر ٿين ٿا.
اهڙي طرح روبوٽس جو تصور انساني ڪمن کي آسان ۽ تيز ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي پر هاڻي اهي ڪم روبوٽس کي ڳرا لڳي رهيا آهن ۽ ڪم جي لوڊشيڊنگ کان تنگ ٿي روبوٽ خودڪشي جو رستو اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
تازو هڪ روبوٽ سپروائيزر ڪم جي لوڊشيڊنگ کان تنگ اچي 6 فوٽ اونچائي تان خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، روبوٽ سپروائيزر ڪم جي لوڊشيڊنگ کان تنگ اچي 6 فوٽ اونچائي تان خودڪشي ڪرڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ سائنسي ماهر ان جي کوجنا ڪري رهيا آهن دنيا جي پهرين روبوٽ جي خودڪشي جو واقعو تازو ئي ڏکڻ ڪوريا ۾ پيش آيو جڏهن هڪ روبوٽ سپروائيزر ڪم کان ٿڪل 6 فوٽ اونچائي تان ڪري پيو. جنهن کي روبوٽ ماهر خودڪشي جو نالو ڏيئي رهيا آهن جيڪا دنيا جي لاءِ تجسس ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھه آهي پر ان سڄي صورتحال بعد انساني ذهن اهو تسليم نٿو ڪري ته هڪ روبوٽ ڪيئن خودڪشي ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن اها ڳالهھ سچ به ثابت ٿي ته پوءِ مشنري دنيا ترقي بجاءِ تنزلي طرف هلي ويندي.