گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو(نمائندن وٽان)گهوٽڪي شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل پ پ ايم اين اي پنهنجي پٽن سميت گهوٽڪي جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، فريادڻ جي پيش نه ٿيڻ سبب عدالت پهرين آگسٽ تائين عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.هوڏانهن صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي ۽ ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ميرپورماٿيلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جوابدار ڌر ھر حاضري تي سوين گاڏين جي قافلي ۾ ھٿياربندن سان گڏ اچي ٿو جيڪي اسان کي ۽ اسان جي حمايتين کي هراسان ڪرڻ سان گڏ و گڏ قبيلائي جھيڙو ڪرائڻ چاهين ٿا پر اسان جو لُنڊ برادري سان ڪو به جھيڙو ناهي، اسان جي صرف قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن خالد احمد لنڊ ۽ سندس پٽن شھباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ سان قانوني جنگ آھي ۽ اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آھي، جوابدار ڌر اسان کي پڻ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس ڪنھن ٻي ڊويزن ۾ منتقل ڪيو وڃي.