اسلام آباد (م ڊ) نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، حڪومت طرفان 7 رپيا 12 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران پاور ڊويزن جي عملدارن ٻڌايو ته هو اليڪٽرڪ جي صارفين کي 177 ارب ۽ ٻين واهپيدار ڪمپنين جي صارفين کي 313 ارب جي سبسڊي ڏئي رهيا آهن.ٻڌڻي دوران پاور ڊويزن جي عملدارن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت 200 يونٽن تائين جي صارفين کي 3 مهينن لاءِ رليف ڏنو آهي، ملڪ جي 86 سيڪڙو گهريلو صارفين کي ٽيرف ۾ رليف ڏيڻ سان فائدو پهچندو، وفاقي حڪومت 3 مهينن لاءِ سبسڊي جي مد ۾ 50 ارب رپيا ڏئي رهي آهي،پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال ۾ بجلي جي صارفين کي 490 ارب رپين جي سبسڊي ڏيندي، جنهن مان 177 ارب رپيا ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڊسڪوز واهپيدارن کي 313 ارب رپيا سبسڊي ڏئي رهيا آهيون.
-
اوقاف کاتي ڪرپشن الزام هيٺ 3 ڪامورن کي معطل ڪري ڇڏيو
ڪراچي ( رپورٽر) اوقاف کاتي درگاهن جي مرمت جي نالي تي ڪرپشن جي الزام هيٺ 3 ڪامورن کي معطل ڪري ڇڏيو، معطل ٿيلن ۾ سينئر ميڊيڪل آفيسر اويس اقبال ڀٽي ، اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو ممحمد علي پانڌياڻي ۽ آڊٽ آفيسر غلام رسول شامل آهن
-
سکر بئراج جي دروازن کي نقصان پهچڻ واري مامري ۾ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ذميوار قرار
سکر ( رپورٽر) سکر بئراج جي ٻن دروازن کي نقصان پهچڻ جي معاملي ۾ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر فياض شاهه کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، فياض شاهه کي مبينا ڪرپشن ۽ نااهلي جي الزام هيٺ هٽايو ويو آهي، فياض شاهه کي هٽائي کيس آبپاشي کاتي کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، چيف سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪندي فياض شاهه جي جاءِ تي خالد جان بلوچ کي نئون سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مقرر ڪيو آهي. آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته هٽايل سپرنٽينڊنٽ انجنيئر فياض شاهه ٻٽي شهريت رکي ٿو، جنهن وٽ ڪينيڊا جي شهريت به آهي. هن جو خاندان ڪئناڊا ۾ رهي ٿو، جنهن ٻه هفتا اڳ پاڻيءَ جي موسم جي باوجود دادو ڪئنال جي ڊي سليٽنگ لاءِ ست ڪروڙ رپين جو ٺيڪو پنهنجي من پسند ٺيڪيدار زبير جتوئي کي جاري ڪيو. پاڻي هجڻ باوجود دادو ڪينال جي زيرو پوائنٽ کان آر ڊي 12 تائين ڊي سلٽنگ جو ڪم جاري آهي. پاڻي جي کوٽ سبب ڊي سلٽنگ جو ڪم صحيح نموني نه ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان سيڪريٽري آبپاشي منع ڪئي آهي، ان باوجود ڊي سلٽنگ جو ڪم جاري آهي.
-
ميرپورخاص ۾ هڪ مهيني دوران ايڊز جا 4 نوان ڪيس ظاهر
ڪراچي ( رپورٽر) ميرپورخاص ۾ هڪ مهيني دوران ايڊز جا 4 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. ايڊز ٽريٽمينٽ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر ليکراج موجب ايڊز جا چار نوان ڪيس ٻارڙا آهن. ڊاڪٽر ليکراج موجب ايڊز جي مريضن جو انگ 300 کان وڌي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايڊز ۾ مبتلا اڪثر ٻارن جا والدين ايڊز ۾ مبتلا ناهن، جيڪا وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي. ايڊز ٽريٽمينٽ سينٽر جي انچارج اهو به ٻڌايو ته 300 کان وڌيڪ رجسٽرڊ مريضن ۾ 37 ٻارڙا به شامل آهن، جڏهن ته هن وقت تائين 2 ٻارن سميت 37 مريض فوت ٿي چڪا آهن.