ملڪ بچائڻ لاءِ شفاف چونڊون ضروري آهن، اسٽيبلشمينٽ کي هٽڻو پوندو:عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته ملڪ بچائڻ لاءِ  شفاف چونڊون ضروري آهن، اسٽيبلشمينٽ ملڪ خاطر پوئتي هٽي وڃي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان اڄ اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان کي بچائڻ لاءِ شفاف چونڊن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. عمران خان چيو ته 2021ع ۾ ملڪ جو قرض 2.8 ٽريلين هو. جنهن کانپوءِ چئن سالن ۾ ملڪ جو قرض 8 کان 9 ٽريلين تائين پهچي ويو آهي. جنهن غريب کي 2000 بل ملندا هئا هاڻي 10000 بل اچي رهيا آهن. سڀ پئسا ٻاهر پيل آهن. عدالتي ڪمري ۾ موجود صحافي بابر ملڪ موجب عمران خان چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي اميد کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن حڪومت تي ڪنهن کي به اعتبار ناهي. هن چيو ته چونڊن ۾ تاريخي ڌانڌلي ٿي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان اسان کي انصاف لاءِ اليڪشن ڪميشن موڪلي رهيو آهي. عمران خان چيو ته سڀني کي خبر آهي ته اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڏکيا فيصلا اهي ئي وٺندا آهن جن جي پويان عوام بيٺو هوندو آهي. قاضي فائزعيسيٰ چوي ٿو ته انٽرا پارٽي اليڪشن ڇو نه ٿي. ڇا چيف جسٽس کي خبر ناهي ته اسان جي سموري پارٽي انڊر گرائونڊ هئي؟ موجوده حڪومت ته پاڪستان جي اميد ئي ختم ڪري ڇڏي، ڪنهن به ماڻهو کي ان تي ڀروسو ناهي. عمران خان چيو ته شفاف اليڪشن لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي پوئتي هٽڻو پوندو ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي بچائڻ چاهي ٿي ته شفاف اليڪشن ڏانهن وڃڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي انساني حقن ۽ 8 فيبروري واري درخواست تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ٻڌڻي ڇو نه ٿي رهي آهي. ڪهڙي جمهوريت ۾ سولين جا ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ٿين ٿا؟ مون سان اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ڄڻ مون پاڪستان سان سڀ کان وڏي غداري ڪئي آهي. جمهوريت اخلاقي قدرن تي هلندي آهي.

ImranKhan PTI Election

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.