پرويز الاهي پاڻمرادو جلاوطن ٿيڻ وارو

لاهور(مزمل سهروردي) پي ٽي آءِ جو صدر پرويز الاهي جيل مان آزادي بعد خاموش زندگي گذارڻ لڳو، تازو هن هڪ شادي تقريب ۾  شرڪت ڪئي اتي به ميڊيا سان رڳو هڪ جملو ڳالهايو ته مان عمران خان سان گڏ آهيان،عيد تي هو گجرات ويو اتي به هن ڪنهن سان ملاقاتون نه ڪيون،آزادي کانپوءِ هن جي اسد قيصر،عمر ايوب سميت پي ٽي آءِ جي ڪنهن به اڳواڻ سان ملاقات ناهي ٿي،نه ئي پارٽي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، اها خاموشي هڪ ڊيل جو نتيجو آهي، هن جو پٽ مونس الاهي اڳ ئي ٻاهرين ملڪ آهي،هن وقت پرويز الاهي خاندان جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا پيا وڃن،جلد هو خاندان سميت ٻاهرين ملڪ هليو ويندو،جيستائين هي سيٽ اپ آهي تيستائين هو ٻاهر رهندو، چوڌري پرويز الاهي خاندان جي پاڪستان ڇڏي وڃڻ کانپوءِ چوڌري شجاعت جو خاندان گجرات کي سنڀاليندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 11 جولاءِ 2024 تي شايع ٿيو

ChaudhryPervaizElahi PTI ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.