جسٽس طارق محمود جهانگيري کي شڪي ڪالز ۽ پيغام ملڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي شڪي ڪالز ۽ پيغام ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،  عدالتي ذريعن موجب، شڪي ڪال ڪندڙ پاڻ کي ڊي جي ايف آءِ اي طور متعارف ڪرايو، پر جاچ کانپوءِ معلوم ٿيو ته ڊي جي ايف آءِ اي ڪنهن  کي به ڪال نه ڪئي، شڪي ڪال ڪندڙ جسٽس طارق جهانگيري سان ڳالهائڻ چاهي پيو، مشڪوڪ ڪال کانپوءِ جسٽس طارق جهانگيري رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو ۽ هدايت ڪئي ته رجسٽرار فوري طور تي موبائل نمبر ايف آءِ اي کي رپورٽ ڪري.عدالتي ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري جي آفيس کي 2 ڏينهن اڳ هڪ شڪي ڪال آئي، شڪي نمبر تان جسٽس طارق جهانگيري جي موبائل نمبر تي پيغام پڻ موڪليا ويا، جسٽس طارق محمود جهانگيري جي مقرري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو .

IHC judge JusticeTariqMehmoodJahangiri suspiciouscalls textmessages

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.