ٽي وي اينڪر عائشه جهانزيب تي مڙس جو تشدد، جوابدار گرفتار

اسلام آباد( منصور علي خان ) نامياري ٽي وي ميڊيا وومن ۽ اينڪر عائشه جهانزيب تي سندس مڙس جو تشدد، ڪيس داخل ۽ گرفتاري، عائشه جهانزيب ميڊيا وومين ۽ نامياري ٽي وي اينڪر آهي جنهن جا گذريل ڪجهه عرصي کان پنهنجي مڙس سان تعلقات ڇڪتاڻ وارا پئي رهيا آهن جيڪي گذريل ڏينهن انتهائي سنگين ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ سندس مڙس حارث مٿس تشدد ڪيو. عائشه جهانزيب تشدد بعد سرور روڊ پوليس ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي. پوليس ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد سندس مڙس حارث کي گرفتار ڪري ورتو.  عائشه جهانزيب پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته گذريل ٽن سالن کان سندس مڙس حارث مٿس تشدد ڪندو رهيو آهي پر هُن پنهنجي رشتي کي بچائڻ لاءِ هر دفعي اهڙي تشدد کي نظر انداز پئي ڪيو. مون کي سندس ڪيل تشدد جي نتيجي ۾ ڪافي سخت چوٽون ۽ زخم پڻ رسيا آهن. عائشه جهانزيب جو چوڻ آهي ته سندس مڙس هڪ ڳجهو نڪاح پڻ ڪيو آهي ۽ هاڻي مان قانوني جنگ ڪري رهي آهيان.عائشه جهانزيب تي تشدد جو پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز نوٽس وٺندي پنجاب جي انسپيڪٽر جنرل پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. حارث عائشه جهانزيب جو ٻيو مڙس آهي، جڏهن ته سندس جو پهرين مڙس جهانزيب وفات ڪري چڪو آهي. عائشه جهانزيب ۽ حارث وچ ۾ ڇڪتاڻ جا جيڪي ڪارڻ سامهون آيا آهن انهن مان هڪ ۾ عائشه جهانزيب جو چوڻ آهي ته هُن حارث کي هڪ وڏي رقم ڏني آهي جيڪا هو واپس نه ٿو ڪري، ٿي سگهي ٿو اهڙي رقم ڪروڙن ۾ هُجي جڏهن ته حارث جو چوڻ آهي ته جيترا پئسا عائشه چئي رهي آهي، ايترا نه آهن، ان بعد جيڪو ٻيو سبب آهي ان ۾ سندس مڙس جو چوڻ آهي ته عائشه سرگوڌا شفٽ ٿئي جڏهن ته عائشه جو چوڻ آهي ته هو ميڊيا جي ڪيريئر سان لاڳاپيل آهي ۽ سندس گهڻو ڪم لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ آهي تنهنڪري هو سرگوڌاها شفٽ نٿي، ٿي سگهي، جڏهن ته ٽيون سبب ٻارن جي ڪسٽڊيءَ جو آهي جنهن معاملي شدت اختيار ڪري ورتي ۽ معاملو وڃي تشدد، ايف آءِ آر ۽ گرفتاريءَ تي پهتو.

TVanchor AyeshaJehanzeb assault husband

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.