سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ)سيوھڻ جي گل محمد شاھ محلي ۾ گھٽي مان گذرڻ واري معمولي ڳالھ تان ڀنڀرا ۽ سولنگي برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ ۾ گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ پيرسن ھمراھ ميھار ڀنڀرو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻنھي ڌرين جا 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سيوھڻ جي سيد عبد الله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جن ۾ ھڪ ڌر جا ميان بخش ڀنڀرو، سائين بخش، وقار، الله بخش، غلام مصطفيٰ، واحد بخش ڀنڀرو، جڏهن ته ٻي ڌر جا شوڪت ماڇي، حاجي خان، بگن، برڪت ماڇي، وحيد عمراڻي ۽ ٻيا شامل آھن. ٻڌايو پيو وڃي ته گھٽي واري معاملي تان ٻنھي ڌرين ۾ تڪرار ھلندڙ ھو ۽ ھڪٻئي کي گھٽي مان گذرڻ کان منع ڪرڻ تي جھيڙو ٿي پيو. ھوڏانھن سيوھڻ پوليس پاران واقعي ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي