تحفظ آئين پاڪستان جي زرداري،نواز،عمران،فضل الرحمان حمايت ڪري رهيا آهن:اچڪزئي

اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر جي ميمبرن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق تي ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو الزام لڳاِئيکيس ڊڪٽيٽر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته محمود اچڪزئي سندس خلاف بي اعتمادي رٿ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.  پارليامينٽ هائوس ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اسپيڪر اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو. هن چيو ته پارليامينٽ وڌيڪ ويهي ته عوامي معاملن تي بحث ڪري سگهجي، سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، ان تي بحث ٿيڻو هو. بئريسٽر گوهر چيو ته ڪنهن جي پرائيويسي خلاف قانون سازي نٿي ٿي سگهي. محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي مخالف ڌر کي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي تجويز ڏني. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته وڏي مشڪل سان پارليامينٽ ۾ جمهوريت قائم ٿي آهي. تون اسان مان آهين، توکي ڪنهن آمر بڻايو؟ هن چيو ته پاڪستان جي سمورين پاليسين جو مرڪز پارليامينٽ هوندي، اياز صادق سهولتڪار بڻيل آهي، ماڻهن کي ڳالهائڻ ڏيو ته ماڻهو سکندا، مان ذاتي طور تي چوان ٿو ته اياز صادق خلاف بي اعتمادي رٿ آندي وڃي. هن چيو ته آءِ جي پوليس، آءِ جي جيل کي پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي ها، مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي، نواز شريف ۽ باني چيئرمين اسان جي تحريڪ جي حمايت ڪري رهيا آهن. محمود خان اچڪزئي چيو ته هتي اپوزيشن ليڊر کي جيل وڃڻ نه ڏنو وڃي، سپرنٽينڊنٽ کيس ويهاري ڇڏي ٿو. هن چيو ته 6 ججن چيو ته اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پارليامينٽ خاموش رهي. ميمبرن جي گهرن ۾ ڪئميرائون لڳايون ويون، اعظم سواتي روئيندو رهيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته اسپيڪر جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان جي مخالف اتحاد ڪندا. اسان جي جدوجهد ڪنهن به دٻاءَ جي نتيجي ۾ ختم نه ٿيندي. اسان پنهنجي جنگ آئين ۽ قانون موجب وڙهنداسين.  پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته هن چيو ته ضابطن ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن،اسان کي آگاهه نه ڪيو پيو وڃي. اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن ليڊر کي ڪو به موقعو نه ڏئي رهيو آهي، اسد قيصر اسپيڪر طور اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ڀرپور موقعو ڏيندو هو. جڏهن مون ڳالهائڻ شروع ڪيو، اسان کي روڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسد قيصر منهنجي لاءِ قابل احترام آهي، جڏهن هو اسپيڪر هو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، اهو رڪارڊ تي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان کي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي، ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سندس دور حڪومت ۾ ڪڻڪ پهرين امپورٽ ۽ پوءِ ايڪسپورٽ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي خبر ناهي پي ٽي آءِ جا اربين رپيا ڪٿي ويا آهن. اسد قيصر بابت وزيراعظم جي بيان تي مخالف ڌر سخت نعريبازي ڪئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف منهنجي باري ۾ ڳالهايو، توهان کي گذارش آهي ته پراڻو رڪارڊ گهرايو، ميان صاحب اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان ڪيترائي ڪلاڪ ڳالهائيندو هو. اسد قيصر جو چوڻ آهي ته بجيٽ اجلاس ۾ ناڻي واري وزير جي تقرير کان اڳ تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو، مخالف ڌر ڳالهائي، شهباز شريف مخالف ڌر جي اڳواڻ طور 84 ڪلاڪ ڳالهايو. هن چيو ته اسان جي حڪومت دوران تقريرون لائيو نشر ڪيون وينديون هيون، هاڻ هتي سينسرشپ آهي جيڪا شرم جي ڳالهه آهي، هتي ڪيمرا ڪم نه پيا ڪن، هاڻي اپوزيشن ليڊر جي گهر تي ڇاپو هنيو پيو وڃي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا ويا، مون کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو ۽ اسپيڪر کي به آگاهه نه ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ مخالف ڌر کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. اجلاس دوران بچاءَ واري وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ مخالف ڌر جي تقريرن ​​جي ڏينهن ايوان ۾ به نه آيو. اسيمبلي ۾ خواجا آصف جي تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج ڪيو.

 

Achakzai  No-ConfidenceMotion NASpeaker

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.