12 جولاءِ تي بجلي بلن، ليوي ۽ ٽيڪسن خلاف ڌرڻو هڻبو: جماعت اسلامي

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جولاءِ جو ڌرڻو بلن، ليويز ۽ ٽيڪسن خلاف آهي. منصوره لاهور ۾ تقريب  کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جنهن کي عوام جي مينڊيٽ جي ڳڻتي هجي اهو سوچيندو آهي ته عوام ان جي خلاف نه ٿي وڃي. هن چيو ته موجوده حڪمران به ائين ئي ڪندا ڇو ته کين خبر آهي ته اسان وري فارم 47 سان اچي وينداسين. امير جماعت اسلامي وڌيڪ چيو ته صحيح قيادت سان پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪبي ته ڪو حل نڪرندو. هن چيو ته جماعت اسلامي کي موقعو مليو ته انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) سان ڳالهائي سگهون ٿا. حافظ نعيم الرحمان اهو به چيو ته اسان جي ڌرڻي جو پليٽ فارم واپارين لاءِ کليل آهي، مشاورت کانپوءِ ٻيون شيون به شامل ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.