آپريشن بابت تنقيد تي ڳڻتي، ڊجيٽل دهشت گردي رياستي ادارن خلاف سازش آهي\ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (م ڊ) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ عسڪري قيادت دهشتگردي خلاف عزم استحڪام جي حوالي سان تنقيد ۽ اڳڪٿين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياسي مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل دهشتگردي رياستي ادارن خلاف سازش آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 265هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جتي امن استحڪام لاءِ شهيدن، پاڪ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ملڪي سلامتي جي موعي صورتحال جو جائزو وٺندي عزم استحڪام جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي جي ڏس ۾ عزم استحڪام کي اهم قرار ڏنو ويو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرننس ۾ ملڪ ۾ جٽادار استحڪام ۽ معاشي خوشحالي لاءِ عزم استحڪام دهشتگردي ۽ غير قانوني سرگرمين جي ڳٺ جوڙ ختم ڪرڻ لاءِ وقت جي اهم گهرج قرار ڏنو ويو. ڪانفرنس ۾ ڪجهه ڌرين طرفان عزم استحڪام بابت بنا جواز تنقيد ۽ مخصوص مفادن لاءِ اڳڪٿين تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو ته فورم پاران علائقائي سلامتي، خاص طور تي افغانستان جي صورتحال تي غور ۽ علائقائي امن سلامتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيلن ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو، ڪشمير ۽ غزا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي مذمت ڪئي وئي. شريڪ ٿيلن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته فوجي قيادت قوم کي پيش ايندڙ چئلينجز کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي ۽ عوام جي سهڪار سان پنهنجي آئيني حدن ۾ رهندي هڪ جٽادار حل لاءِ جاکوڙي ٿي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيلن سياسي مقصدن لاءِ جاري ڊجيٽل دهشتگردي کي رياستي ادارن خلاف سازش قرار ڏنو ۽ چيو ته رياست مخالف پرڏيهي طاقتن جي سرپرستي ۾ جاري ڊجيٽل دهشتگردي جو مقصد ڪوڙ، جعلي خبرون ۽ پروپيگينڊا ذريعي قوم ۾ ويڇا ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي. شريڪ ٿيلن چيو ته پاڪ فوج ۽ پاڪستاني قوم انهن سازشن کان نه رڳو اگاهه آهي پر دشمن جي ڪڌن مقصدن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم ۽ متحد آهيون. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورم طرفان ملڪ ۾ جاري سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن لاءِ مڪمل سهڪار جو عزم ڪيو ويو ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ معاشي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ٿيندڙ حڪومتي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي وئي. آرمي چيف جنرل عاصم  منير ان موقعي تي چيو ته پاڪ فوج سڀني اندرين ۽ ٻاهرين خطرن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هميشه کان تيار رهي آهي، آرمي چيف پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل تيارين جو اعليٰ معيار برقرار رکڻ تي زور ڏنو. آرمي چيف چيو ته پيش ايندڙ چئلينجز باوجود پاڪ فوج پاڪستان جي استحڪام ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.