ملير پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت جي تدفين، زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي

ڪيٽي بندر ( ن ع آ )   گلشن حديد ۾ علاج ڪرائي واپس ايندڙ ڪيٽي بندر واسي ڪٽنب جي ڪار تي اسٽيل ٽائون ڪراچي پوليس  جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت سائره جو مڙھ ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس جنازي ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھه شيرازي، ايم اين اي ٺٽو صادق علي ميمڻ، اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، فوتڻ عورت جي زخمي ٿيل ڌي صغره جو ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ آپريشن ڪيو ويو،جتي حالت خطري هيٺ ٻڌايو پيو وڃي،  ڪراچي مان علاج ڪرائي فيملي سميت ڪيٽي بندر واسي الٽو ڪار ذريعي واپس اچي رهيا هئا ته ڏينهن ڏٺي اسٽيل ٽائون پوليس ڪراچي جي اهلڪارن سندن گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني ، فائرنگ ۾ ڪيٽي بندر جي سياسي سماجي شخصيت يعقوب سمون جي ڀيڻ سائره گولي لڳڻ ڪري تڏي تي فوت ٿي وئي، جنهن جو جناح اسپتال ڪراچي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس لاش رات دير سان ڪيٽي بندر جي ڳوٺ ڪرمي سمون پهچايو ويو، گهر ڌياڻي عورت جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو فوتڻ عورت جي جنازي نماز ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويئي، جنهن ۾ سمان برادري جي ماڻهن سميت مختلف سياسي سماجي شخصيتن ڳوٺاڻن سمان برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،پوليس فائرنگ ۾ قتل ٿيل عورت جي ڌيءَ  صغيره جو ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ آپريشن ڪري سندس جسم مان گولي ڪڍي ويئي آهي پر سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پيئي وڃي ،اسٽيل ٽائون پوليس پاران ڏوهارين سان مقابلي دوران ڪراس ڪندڙ فيملي واري ڪار کي گوليون لڳڻ واري موقف کي وارثن سياسي سماجي ڌرين رد ڪندي ان واقعي کي پوليس گردي جو بدترين مثال قرار ڏيندي جوابدار اهلڪارن جي فوري  گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي، ٻئي طرف صوبائي وزيرن حاجي علي حسن زرداري رياض شاھ شيرازي  ايم اين اي صادق علي ميمڻ  ايم اين اي اياز شاھ شيرازي، اڳوڻي سينٽر  سسئي پليجو غلام قادر پليجو پڻ واقعي جي مذمت ڪندي سنڌ حڪومت ۽ گهرو وزير سان رابطو ڪري ذميوار اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪرائڻ جي وارثن کي خاطري ڪرائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.