غوثپور(رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي)غوثپور ۾7 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل غوثپور واسي 3 ھندو واپاري نتيش ڪمار گيھي، وجئي ڪمار ۽ نتيش ڪمار جي بازيابي لاءِ وارثن کان مغوي جي موبائيل
فون ذريعي 3ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي. ٽن ڏينهن اندر ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ٽنھي مغوين جا لاش اماڻيا ويندا.مغوين جي وارثن کي ڏوھارين جي ڌمڪي.ڏوھارين جي اھڙي فون اچڻ بعد مغوين جي گھرن ۾سخت پريشاني واري صورتحال آهي مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن پاران گذريل 4 ڏينهن اڳ وٺي غوثپور شٽربند ھڙتال احتجاج ڪئي وئي آهي مغوين جي بازيابي تائين احتجاجي ۽ شٽربند ھڙتال جاري رهندو.