بجلي بندش وارو معاملو، ڪي اليڪٽرڪ جو وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هيٽ ويو دوران ڪي اليڪٽرڪ پاران لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل بندش وارو ڪيس۾ عدالت  جماعت اسلامي جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيوآهي .جماعت اسلامي جو وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جو وڪيل عابد زبيري عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل درخواست جي ڪاپي طلب ڪئي آهي. لکت ۾ چيو ويو آهي ته  ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل کي هيٽ ويو دوران کنيل ايڪشن پلان ۽ ادا ڪيل سماجي ذميوارين بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وقت گهريو ويو آهي.ايڊووڪيٽ عٽمان فاروق چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پاور جنريشن ۽ ٽرانسميشن لائينن جي سار سنڀال جي ذميوار آهي، اونهاري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ڊگهي غير اعلانيل بريڪ ڊائون سبب صارفين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ، عثمان فاروق ايڊووڪيٽ چيو ته تازي گرمي جي لهر ۾ شهرين جو وڏو انگ حياتيون وڃائي ويٺو آهي، جنهن جو هڪ سبب بجلي جي کوٽ آهي.گرمي جي لهر جي اڳڪٿي باوجود ڪي اليڪٽرڪ انفراسٽرڪچر کي مڪمل فعال رکڻ لاءِ ڪي به خاص قدم نه کنيا، عدالت درخواست جي ايندڙ ٻڌڻي 15 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .درخواست ۾ بجلي واري وزارت، نيپرا ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.