اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس گل حسن اورنگزيب جي ٽوئٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته جسٽس گل حسن آءِ ايس آءِ سربراهه خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪا به درخواست داخل نه ڪئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ واري ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خط لکڻ واري ٽوئٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا تي هلندڙ مواد صحيح ناهي. اهڙيون خبرون بي بنياد آهن. واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي ڪالهه اهي خبرون گردش ڪندڙ ۾ هيون ته ججن جي خاندانن کي ڳجهن ادارن جي ڌمڪين تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سپريم ڪورٽ ۾ آءِ ايس آءِ سربراهه خلاف درخواست داخل ڪئي آهي.
-
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ ملاقات
ڪوئيٽا (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ ملاقات ٿي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي. بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي عوام جي ڀلائي جي منصوبن بابت پڇاڻو ڪيو. سرفراز بگٽي صوبي جي بجيٽ بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي عوام لاءِ صحت ۽ تعليم جي منصوبن بابت پڻ پڇيو. بريفنگ ڏيندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي طرز تي بلوچستان ۾ اعليٰ سطحي صحت مرڪز جلد مڪمل ڪيا ويندا. سرفراز بگٽي پ پ چيئرمين کي صوبي جي سياسي ۽ انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو.
-
سينيٽ ميمبرن جي پگهار لک 70 هزار، عدالتن ۾ پگهار 10 لک کان گهٽ ناهي: قانون وارو وزير
اسلام آباد (م ڊ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته قانون سازن ۽ ججن جي پگهارن ۾ فرق آهي. سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران جواب ڏيندي هن چيو ته ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ سينيٽ ميمبرن جي پگهار هڪ لک 70 هزار رپيا آهي، اعليٰ عدالتن ۾ پگهار 10 لک کان گهٽ ناهي.