اسلام آباد (م ڊ) ڪابينا طرفان بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري جي تفصيلن موجب بجلي جو سراسري بنيادي ٽيرف 35 رپيا 50 پيسا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا بجلي جي واهپيدارن لاءِ 3 رپيا 95 پيسن کان 7 رپيا 12 پيسا في يونٽ واڌ جي تجويز ڏني آهي جنهن سان واهپيدارن تي هڪ سال ۾ 3 هزار 274 ارب رپين جو بار پوندو. نيپرا حڪومتي تجويز تي 8 جولاءِ تي فيصلو ڪندو. ڪابينا گهريلو واهپيدارن لاءِ بنيادي ٽيرف 48 رپيا 84 پيسا في يونٽ تائين ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي، لائيف لائن واهپيدارن لاءِ 3 رپيا 95 پيسا في يونٽ، پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ 14 رپيا 16 پيسا، نان پروٽيڪٽڊ 100 يونٽ لاءِ بنيادي ٽيرف 23 رپيا 59 پيسا، 101 کان 200 يونٽ لاءِ 30 رپيا 7 پيسا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. 201 کان 300 يونٽن لاءِ 34 رپيا 80 پئسا في يونٽ، 301 کان 400 يونٽن لاءِ 34 رپيا 25 پئسا في يونٽ ۽ 401 کان 500 يونٽن لاءِ 39 رپيا 15 پئسا في يونٽ جي حساب سان ٽيرف مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. 600 کان 600 يونٽن وارن واهپيدارن لاءِ بنيادي اگهه 41 رپيا 36 پئسا، 601 کان 700 يونٽن وارن واهپيدارن لاءِ 43 رپيا 92 پئسا، 700 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ واهيپدارن لاءِ بنيادي اگهه 48 رپيا 84 پئسا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪمرشل واهپيدارن لاءِ بجلي جو بنيادي اگهه 48 رپيا 55 پئسا في يونٽ، صنعتي واهپيدارن لاءِ 43 رپيا 40 پئسا، زرعي واهپيدارن لاءِ 44 رپيا 5 پئسا ۽ پري پيڊ واهپيدارن لاءِ 54 رپيا 25 پئسا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
اسلام آباد (م ڊ) توانائي واري وزير اويس لغاري ملڪ ۾ بجلي مهانگي هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندي جڏهن ته ڏيڍ سال تائين سڌارا ڪري بجلي جا اگهه گهٽ ڪري سگهنداسين. توانائي واري وزير سينيٽ ۾ لوڊشيڊنگ بابت سوالن جو جواب ڏيندي چيو ته نيشنل گرڊ جو ڪنهن صوبي سان ڪو واسطو ناهي، نقصانن جي حد رکڻ لاءِ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، لوڊشيڊنگ ڪنهن صوبي کي ڏسي نه پئي ڪئي وڃي. اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (آئيسڪو) ۾ لوڊشيڊنگ جا مسئلا نه آهن، بلوچستان کي 10 هزار ميگاواٽ بجلي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، بلوچستان ۾ بجلي جا ساليانا نقصان 600 ارب رپيا آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت 450 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪيو، هڪ ڪروڙ 68 لک ڪنزيومرز جو خيال ڪري رهيا آهيون، انڊسٽري کان 150 ارب رپين جو بار گهٽ ڪيو. اويس لغاري چيو ته بجلي اگهه ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان استعمال تي لاڳو هوندي، ڪنزيومرز سراسري 35 رپيا في يونٽ ڏئي رهيا آهن، اعتراف ڪريان ٿو ته بجلي جا اگهه وڌيڪ آهن، ايندڙ ڏيڍ سال تائين سڌارا ڪري بجلي جا اگهه گهٽائي سگهنداسين. هن چيو ته بلوچستان بابت وزيراعظم آن لائن اجلاس ڪيو ۽ چيو ته بلوچستان انتظاميا سان اجلاس سولر بابت هو، بلوچستان ۾ زرعي واهپيدارن کي 3 ڪلاڪن تائين بجلي ڏئي رهيا آهيون، بلوچستان کي 10 هزار ميگاواٽ بجلي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر پيسا ته ملن. هن چيو ته نقصان گهٽ ٿيڻ سان بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، حڪومت ملڪ لاءِ 440 ارب رپيا سبسڊي ڏيندي، 2 کان 9 سيڪڙو گهريلو واهپيدارن تي واڌ ٿيندي، جنوري کانپوءِ بجلي جا اگهه گهٽ ٿيندا. هن چيو ته گهريلو واهپيدارن تي 7 کان 9 سيڪڙو جي رينج ۾ واڌ ٿيندي، اڍائي ڪروڙ گهريلو واهپيدار بجلي جو گهٽ اگهه ادا ڪري رهيا آهن، 35 هزار کان گهٽ اگهه ڏيندڙ سبسڊي استعمال ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان مڃون ٿا ته بجلي جا اگهه وڌيڪ آهن. ان موقعي تي سينيٽر منظور احمد چيو ته اسان کي 11 هزار ميگاواٽ نه گهرجن، اسان کي اسان جا 2 هزار ميگاواٽ بجلي ڏيو، سبي ۾ هن وقت گرمي آهي، سبي ۾ گهڻي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. توانائي واري وزير اويس لغاري چيو ته بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي بجلي ڏيڻ سان 80 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز کي سولرائيشن تائين آڻڻ لاءِ سنجيده آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ 28 هزار قانوني ۽ 12 هزار غيرقانوني زرعي ڪنيڪشن به آهن، بلوچستان کي 2 هزار ڇا 10 هزار ميگاواٽ بجلي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، بلوچستان ۾ 9 کان 12 ڪلاڪ بجلي زرعي ٽيوب ويلن کي ڏيڻ سان ساليانو 80 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي سولر تي منتقل ڪرڻ جي خواهش آهي، ان سان لائن لاسز ۽ ٻيا بار گهٽجندا، ڪيترن ئي علائقن ۾ بلوچستان ۾ ريڪوري گهٽ ۽ ڪجهه علائقن ۾ صورتحال بهتر آهي. وفاقي وزير چيو ته 600 ارب رپيا اسان جا ساليانا نقصان آهن، 440 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، گذريل ٽن سالن ۾ پروٽيڪٽو واهپيدارن لاءِ يونٽ جي اگهه ۾ واڌ نه ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته گذريل سال جو بار 6 مهينن لاءِ واهپيدارن تي 2 کان 9 سيڪڙو تائين ايندو، جيڪڏهن ڊالر مهانگو نه ٿيو ته ايندڙ سال جنوري ۾ بجلي ڪجهه سيڪڙو سستي ٿيندي، بجلي جي اگهه ۾ واڌ سان هڪ ڪروڙ 68 لک واهپيدارن تي بار نه پوندو. هن چيو ته 42 سيڪڙو گهريلو واهپيدارن تي 2 کان 9 سيڪڙو بار پوندو، اڍائي ڪروڙ گهريلو واهپيدارن کي جيڪا حڪومت کي قيمت ملي رهي آهي ان کان گهٽ تي يونٽ ملي رهيو آهي، واپڊا کي 35 رپيا يونٽ ملي رهيو آهي، اسان کي مهانگي بجلي ملي رهي آهي. اويس لغاري چيو ته پاور سيڪٽر ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن جنهن کانپوءِ صورتحال ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته بلوچستان حڪومت جو ان حوالي سان معاهدو گهربل آهي، زرعي سولرائيزيشن جي ويجهو آهيون، وزيراعظم واپسي تي سولرائزيشن تي بريفنگ رکي آهي. سينيٽ ۾ سوالن جو جواب ڏيندي هن چيو ته خبر هلي رهي آهي ته 6 رپين تائين في يونٽ وڌيو آهي، هر جون ۾ ريگيوليٽر سال تي اوريج اگهه طئي ڪندو آهي، ريگيوليٽر گذريل جون جي اوريج واڌ جا اگهه ڏنا جيڪي ڪابينا ۾ غور هيٺ آهن. اويس لغاري جو چوڻ هو ته وزيراعظم چيو آهي ته عوام تي سمورو بار نه وجهنداسين، پنج رپيا 76 پيسا جو يونٽ بار آهي، 440 ارب رپين جو بار حڪومت برداشت ڪندي، جون جي اگهه تي ايندڙ 6 مهينن تائين 2 کان 9 سيڪڙو تائين واڌ ٿيندي ۽ گذريل سال جي ٽيرف جو بار ايندو. سندس چوڻ هو ته وياج جي شرح ۾ واڌ نه ٿي ۽ ڊالر ۾ استحڪام رهيو ته ايندڙ سال جنوري ۾ اگهه 2 کان 3 سيڪڙو في يونٽ گهٽجي ويندا. چار پنج مهينا 2 کان 9 سيڪڙو واڌ جو بار ايندو جيڪو جنوري ۾ هيٺ اچي ويندو، انڊسٽري تي 150 ارب رپيا بار گهٽ ڪيو آهي. هن چيو ته اڍائي ڪروڙ واهپيدار اوريج اگهه کان گهٽ اسان کي ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي واهپيدار ست ۽ 15 رپيا يونٽ ڏئي رهيا آهن. سينيٽر دنيش ڪمار سوال ڪيو ته بلوچستان ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي خبر پوي ته ڪو پارليامينٽيرين بلوچستان اچي ٿو ته ماڻهو ان کي ڪنا آنا هڻن ٿا. بلوچستان جا ماڻهو بجلي چور نه آهن، اوهان جي کاتي جا ماڻهو چور آهن، توانائي وارو کاتو چور آهي. توانائي واري وزير اويس لغاري سينيٽر کي جواب ڏنو ته مان پاڻ بلوچستان سان واسطو رکان ٿو، مان بلوچ آهيان، منهنجو اڌ ڪٽنب بلوچستان ۾ آهي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته مان سمجهان ٿو ته اوهان سرائيڪي آهيو، جنهن تي اويس لغاري چيو ته خوش قسمتي سان مان سرائيڪي به آهيان ۽ بلوچ به آهيان. هن چيو ته منهنجي تڪ جي چئن فيدرز مان بجلي چوري ٿيندي آهي، اتي لوڊشيڊنگ آهي. پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته جتي زرعي ٽيوب ويلز لڳل آهن اتي گرائونڊ واٽر گهٽ ٿيو آهي، حڪومت ان حوالي سان حڪمت عملي طئي ڪري، ان معاملي کي لاڳاپيل قائما ڪاميٽي حوالي ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ هن وقت سوڪهڙي واري صورتحال آهي. توانائي واري وزير اويس لغاري چيو ته ان معاملي کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي يا ڪاميٽي آف هول کي موڪليو ، مان جواب ڏيندس. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻن ٽن سوالن مان ڪير مطمئن نه ٿيندو، بجلي جي لوڊشيڊنگ، سولرائزيشن، آءِ پي پيز بابت سموري ايوان تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهينداسين ۽ لوڊشيڊنگ بابت معاملو ڪاميٽي آف هول حوالي ڪبو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سڀني سينيٽ ميمبرن تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي ۽ چيو ته ڪاميٽي آف هول اجلاس جي تاريخ جو اعلان جلد ڪنداسين.