اسلام آباد (م ڊ): صنعتن ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال انڪشاف ڪيو آهي ته وفاقي ترقياتي بجيٽ جا 20 سيڪڙو منصوبا فراڊ آهن. موجوده بجيٽ ۾ اهڙا ڪيترائي منصوبا آهن، جيڪي سياستدانن جا نه آهن، فراڊ وارا منصوبا گمنام آهن، جن جو ڪو به مالڪ ناهي، انهن گمنام اسڪيمن جي پويان هڪ مڪمل مافيا آهي، جيڪا منصوبا منظور ڪرائيندي آهي ۽ ٽينڊرز جي پويان به پوري مافيا آهي. هن چيو ته گمنام ۽ فراڊ وارا منصوبا ڏورانهن علائقن ۾ ورهايا وڃن ٿا ته جيئن ان تائين پهچ ممڪن نه هجي. واپار واري وزير چيو ته سينيٽرن کانسواءِ جيڪي ماڻهو اليڪشن هارائي ويا آهن اهي به پراجيڪٽ کڻندا آهن، اسان جي پي ايس ميپنگ کي لازمي بڻائي رهيا آهيون ته جيئن خبر پوي ته پروجيڪٽ ڪٿي آهي. ٻيو اها به پڪ ڪرڻي آهي ته منصوبو ڪنهن جو آهي.