عورتن کي جاهل چوندڙ ساحل عديم خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع

ڪراچي (م ڊ) سنڌ اسيمبلي ميمبر ماروي فصيح طرفان ساحل عديم خلاف مذمتي ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو.  پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سيده ماروي فصيح سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل ٺهراءُ ۾ چيو ته هي ايوان هٿ ٺوڪئي موٽيويشنل اسپيڪر ساحل عديم جي انهن ريمارڪس جي مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ هن چيو هو ته 95 سيڪڙو عورتون جاهل آهن. ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ساحل عديم جا تبصرا اسان جي مذهبي، سماجي ۽ قانوني قدرن جي ڀڃڪڙي آهن جنهن جي ڪري عورتن کي وڏي پئماني تي تڪليف ٿي آهي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته هٿ ٺوڪئي موٽيويشنل اسپيڪر ساحل عديم خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ماروي راشدي چيو ته ساحل عديم جي تعصباڻن تبصرن سبب عورت ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ نمائندي هجڻ جي حيثيت ۾ منهنجي ۽ مون جيان هر عورت جي ساک کي ڇيهو رسيو آهي. ياد رهي ته نجي ٽي وي پروگرام ۾ موٽيويشنل اسپيڪر ۽ اسڪالر ساحل عديم بحث دوران ملڪ جي 25 سيڪڙو مردن ۽ 95 سيڪڙو عورتن کي جاهل قرار ڏنو جنهن تي مٿس تنقيد ڪئي وئي آهي.

  • شادي وقت يا ڌار ٿيڻ کان اڳ گهرواري کي ڏنل تحفا واپس نٿا وٺي سگهجن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شاديءَ وقت يا علحدگيءَ کان اڳ گهرواري کي ڏنل تحفا واپس ڪرڻ بابت ڪيس ۾  سنڌ هاءِ ڪورٽ خاندان جي اپيل تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيوآهي .عدالت چيو ته شادي وقت يا ڌار ٿيڻ کان اڳ گهرواري کي ڏنل تحفا واپس نٿا وٺي سگهجن. شادي دوران ڏنل تحفا گهرواري  جي ذاتي ملڪيت بڻجي وڃن ٿا. عدالت ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف شهري ارشد جميل جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

  • سعودي عرب ۾ پهرين محرم الحرام 7 جولاءِ تي هوندي

رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ محرم الحرام جي شروعات 7 جولاءِ کان ٿيندي. سعودي عرب جي فلڪياتي سوسائٽي جي صدر  موجب ذوالحج جو مهينو 30 ڏينهن جو هوندو ۽ نئون هجري سال 7 جولاءِ کان شروع ٿيندو.ان کانسواءِ گڏيل عرب امارتن ۽ عمان ۾ به پهرين محرم الحرام 7 جولاءِ تي هوندي.گڏيل عرب امارتن ۽ عمان ۾ پهرين محرم الحرام تي موڪل جو اعلان به ڪيو ويو آهي.

  • ڪورنگي مان مقابلي بعد انتهائي گهربل جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي زمان ٽائون ۾ مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل  جوابدار انتهائي گهربل آهي. پوليس موجب 19 جون تي مزاحمت تي جوابدار ظفر نالي شهري کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدارن جي ٻن ساٿين فائرنگ ڪري مقتول جي پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو. فائرنگ ۾ جوابدار وهاب به زخمي ٿي پيو، وهاب جي نشاندهي تي جناح اسپتال مان زخمي ٿيلن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته زخمي ٿيل جوابدار عرفان عرف ڪالا ڦر جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هو، جوابدار جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.

  • آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ 4 آگسٽ پوليس شهيدن جي ڏهاڙي حوالي سان اجلاس، غور ويچار

ڪراچي(رپورٽ :حفيظ ڦلپوٽو)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ 4 آگسٽ تي پوليس شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جيز، فنانس اينڊ ويلفيئر، آپريشنز سنڌ، ڊي آءِ جيز، ٽي. اي آءِ جيز اينڊ ٽي، هيڊ ڪوارٽر سنڌ، اسٽيبلشمينٽ، ايسٽ، سائوٿ، ٽريفڪ، سيڪيورٽي، ڪرائم اينڊ انويسٽي گيشن، لاجسٽڪ، فنانس، ويلفيئر وغيره، جڏهن ته حيدرآباد، ميرپورخاص، ايس بي اي، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ شامل هئا، حيدرآباد وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر پوليس شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان صوبائي سطح تي منعقد ٿيندڙ تقريبن ۽ انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته مختلف سينيئر آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙي ويون آهن ۽ انهن کي پنهنجي ذميوارين جي تفصيل سان به باضابطا طور ترتيب ڏنو ويو آهي.

  • ڪراچي ۾ پٽ کي قتل ڪندڙ پيءُ کان پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ملير الفلاح سوسائٽي ۾ پٽ کي قتل ڪندڙ پيءُ کان پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.  جاچ دوران مقتول جي پيءُ عزيز الرحمان ٻڌايو ته سندس پٽ هراسان ڪندو هو، سڄي رات ٻاهر رهندو هو ۽ پئسا به گهرندو هو. عزيز الرحمان جو چوڻ هو ته پٽ ڀاڄي ڪٽڻ لاءِ پهرين چاقو کنيو ۽ پوءِ چاقو کڻي اچي ماءُ تي رکيا. قاتل جي پيءُ چيو ته پٽ شاهه حسن ٽيڪنيڪل ڊپلوما ڪري رهيو آهي ۽ مان فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ڪلارڪ آهيان، مونکي 2 پٽ آهن.گذريل ڏينهن گهريلو جهيڙي دوران پيءُ پنهنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس پهچي کيس گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.