نوابشاهه ۾ اين آءِ سي وي ڊي منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر) صوبائي وزير صحت ۽ پاپوليشن ويلفيئر ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاران سنڌ حڪومت پاران ضلع شھيد بينظيرآباد لاءِ فراھم  ڪيل پيپلز بس سروس جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر آفيس شھيد بينظيرآباد ۾ ڪيو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته ميمبر قومي اسيمبلي آصفہ ڀٽو زرداريءَ کي ڪوششن سان سنڌ حڪومت پاران ضلع شھيد بينظيرآباد جي شھرين لاءِ تحفو آھي ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت شھرين کي سفري سھولتون فراھم ڪرڻ لاءَ ھر ممڪن قدم کڻي رھي آھي ھي پيپلز بس سروس ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي ھن وڌيڪ چيو ته ڪوشش ھوندي تہ جلد کان جلد ضلعي جي ٻين شھرن ڏانھن بس سروس شروع ڪئي وڃي ھن بس سروس ۾ خصوصي ماڻھو مفت ۾ سفر ڪري سگھندا. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته نواب شاهه ۾ جلد اين آئي سي وي ڊي جو منصوبو جلد شروع ڪيو ويندو جنھن لاء شھر جي سرندي واري شخصيت ظفر آرائين پاران جڳهه ڏني آھي جڏھن ته بي آئي يو ٽي جي سروس پڻ جلد شروع ڪئي ويندي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته صوبي جي عوام کي سفري سھولتون فراھم ڪرڻ لاءَ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ بھترين ڪم ڪري رھيو آھي. تقريب کي ميمبر سنڌ اسيمبليءَ غلام قادر چانڊيو، جاويد اقبال آرائين، ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر، چيئرمين ضلع ڪائونسل علي اڪبر جمالي، مئير قاضي محمد رشيد ڀٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ ۽ مقامي پارٽي اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.