خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)ٽنڊي مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد بچل کرڙو ۾ لنجواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ھلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ سبب زمين تي ڪم ڪندڙ نوجوان مارجي ويو. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ضلعي جي ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد بچل کرڙو ۾ پراڻي تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر جهيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ زمين تي ڪم ڪندڙ 24 سالا نوجوان امجد علي پٽ علي مدد لنجواڻي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون. ھوڏانھن نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.