روزاني عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي خاتون جي اڳواڻي ۾ ٽيون ڏينهن شهيد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان هزارين ماڻهن پنڌ مارچ ڪري وزيراعليٰ سنڌ هائوس ڀرسان پي آءِ ڊي سي روڊ تي ڌرڻو ڏنو ويو. واضح رهي ته پوليس مارچ کي وزيراعليٰ هائوس تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ رستن تي ڪنٽينر لڳائي ڇڏيا ها.
ان احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي خاتون چيو ته پوليس ٽن قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر ظاهر ۾ رڳو هڪ قاتل کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻن ڄڻن کي لڪايو ويو آهي. پ پ منهنجي پٽ جي قاتلن کي بچائي رهي آهي. هن چيو ته جيڪي مونکي ڪمزور سمجهن ٿا انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اسان جون ست پيڙهيون نصرالله جي خون سان انصاف تائين وڙهنديون رهنديون. سنڌ جي باشعور ماڻهن کي عرض آهي ته منهنجو ساٿ ڏين ۽ قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪن. ان موقعي تي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ امان پٺاڻي سان ملاقات ڪندي چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ پنهنجي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري تائين ساڻس گڏ آهي.
رپورٽن موجب ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ مان آيل صحافين، سوشل ورڪرن، وڪيلن، سياسي، سماجي شخصيتن ۽ قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ امڙ پٺاڻي خاتون جي سڏ کي ورنايو. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني ڌرڻي ۾ پهتو ۽ ڌرڻي ۾ کيس ٻڌايل سمورن مطالبن کي مڃڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ان مسئلي تي هو اعليٰ قيادت سان ڳالهائيندو.
اسان هتي پهريون ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪنداسين جنهن پنهنجي جگر جي قتل جي صدمي کي طاقت ۾ بدلائي ڏيکاريو آهي ۽ پنهنجي پٽ جي ڀوتارڪي نظام خلاف جدوجهد واري مشن کي هٿ ۾ کڻي ان جي اڳواڻ بڻي آهي ۽ ٽيون ڏينهن هن ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر ۾ هڪ شاندار احتجاج ڪري ڏيکاريو آهي. سندس مطالبو ته بظاهر شهيد نصرالله جي قاتلن جي گرفتاري آهي پر حقيقت ۾ اهي قاتل جيئن ته ڀوتارڪي نظام جي نمائندگي ڪن ٿا ته اسان مائي پٺاڻي جي ان جدوجهد کي ڀوتارڪي نظام خلاف جدوجهد جو هڪ سلسلو سمجهون ٿا. ڀوتارڪي مهم خلاف اها جدوجهد عوامي آواز ميڊيا گروپ جي هلايل آهي ۽ نصرالله گڏاڻي ان ميڊيا گروپ جي نمائندگي ڪندي پاڻ کي ان جو حصو بڻايو ۽ آخر ۾ شهادت ماڻي ان جدوجهد جو هيرو بڻجي ويو. اها به حقيقت آهي ته ڀوتارڪو نظام سنڌ جو ناسور آهي. ان حساب سان عوامي آواز ميڊيا گروپ هجي، شهيد نصرالله گڏاڻي هجي يا ان جي امڙ مائي پٺاڻي هجي سندن جدوجهد جو محور مجموعي طور سنڌ مان ڀوتارڪي نظام جي پاڙ پٽڻ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مائي پٺاڻي خاتون جي سڏ تي سنڌ جو شعور ڪراچي ۾ ڪٺو ٿيو ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف احتجاج ريڪارڊ ڪيو.
ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن ظلم ۽ ڏاڍ خلاف احتجاج نه ڪبو، آواز نه اٿاربو خاموش ٿي ويهي رهبو ته ان جي معنيٰ اها ورتي ويندي ته عوام ظلم ۽ ڏاڍ کي پسند ڪري ٿو، اهو ڀوتارڪي نظام ۾ جيئڻ ٿو چاهي پر جيڪڏهن ظلم ۽ ڏاڍ خلاف احتجاج ڪبو ۽ هر هر ڪبو ته ظالم طاقتن ڏانهن اهو پيغام ويندو ته عوام ظلم ۽ ڏاڍ کي برداشت نه ٿو ڪري ۽ هاڻي اهو ان سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي سندس صبر جو پئمانو لبريز ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ظلم ۽ ڏاڍ کي اهو پنهنجي لاءِ ناقابل برداشت سمجهي ٿو. اهو هاڻي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي لاءِ نه رڳو ميدان تي نڪري چُڪو آهي پر شهيد نصرالله گڏاڻي وانگر قرباني ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي چُڪو آهي.
شهيد نصرالله جي شهادت ۽ ان شهادت مان ڦٽي نڪتل نئين جدوجهد جي سرواڻ مائي پٺاڻيءَ اهو به ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن جدوجهد ۾ ڪنهن جي قتل جي بلڪل به اها معنيٰ ناهي ته ان شخص جي مري وڃڻ سان اها جدوجهد ختم ٿي ويندي آهي. شايد قاتلن کي تاريخ جو علم ناهي. جيڪڏهن سندن تاريخ پڙهيل ۽ سمجهيل هجي ها ته اهي نصرالله کي قتل نه ڪن ها پر سمجهن ها ته نصرالله گڏاڻي جو خون ٻرنديءَ تي تيل ثابت ٿيندو جيڪو ٿي رهيو آهي. اڄ ڀوتارڪي نظام جو گهيرو سوڙهو ٿي چُڪو آهي، هڪ قاتل قتل ڪيس ۾ نامزدو ٿي چُڪو آهي، ۽ تاريخ پنهنجو پلاند وٺڻ شروع ڪيو آهي. اوهان هڪ نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪيو ته اوهان جي گرفتاري لاءِ اوهان ڏٺو ته هزارين نصرالله روڊن تي نڪري آيا. معنيٰ نصرالله گڏاڻي کي گولي هڻي مارڻ کانپوءِ به نصرالله جي جدوجهد جاري آهي. سندس ئي گهر مان سندس امڙ پنهنجي پٽ جي جدوجهد کي هٿ ۾ کنيو آهي، ساڻس گڏ سندس ٻيا پٽ ۽ نصرالله جا معصوم ٻار به شامل آهن. امڙ پٺاڻيءَ ته اهو وچن به ورجايو آهي ته جيڪڏهن نصرالله سان انصاف نه ٿيو ته اسان جون ست پيڙهيون به انصاف لاءِ جدوجهد ڪنديون رهنديون. ٽيون ڏينهن واري ڌرڻي ۾ شهيد نصرالله جا معصوم ٻارڙا به شامل هيا جيڪي هاڻي کان ئي شهيد پيءُ جي جدوجهد جو حصو بڻجي چُڪا آهن. سو اها ڳالهه طئي آهي ته ڀوتارڪي نظام خلاف اها جدوجهد هاڻي ختم ناهي ٿيڻي ۽ اها فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چُڪي آهي.
ٽيون ڏينهن شهيد نصرالله جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڏنل ڌرڻي ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت کان اهو به مطالبو ڪيو ويو ته اها قاتلن جي پٺڀرائي نه ڪري ۽ بهتر آهي ته پنهنجي پارٽي مان اهڙن ڀوتارن کي نيڪالي ڏي جيڪي خود سندن جماعت جي بدنامي جو باعث آهن. اهڙي ڳالهه صوبائي وزير سعيد غني سان پڻ روبرو ڪئي وئي ۽ کيس واضح طور ٻڌايو ويو ته خود حڪومت قاتلن کي بچائي رهي آهي تنهن تي هن يقين ڏياريو ته هو اهي مسئلا حل ڪرائيندو. اسان کي اميد آهي ته پ پ حڪومت شهيد نصرالله جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سهڪار ڪندي ۽ پنهنجي صفن مان ڀوتارن کي ڪڍي نج عوامي پارٽي طور سڃاڻپ برقرار رکندي ٻي صورت ۾ سنڌ جي عوام جي جدوجهد جو نشانو سنڌ حڪومت به بڻجي سگهي ٿي. اسان کي اميد آهي ته ٽيون ڏينهن واري ڌرڻي کان پوءِ سنڌ حڪومت ان معاملي ۾ سنجيدگي ڏيکاريندي.
Prev Post
Next Post
You might also like